لنڊن(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار واضح ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ ڊيم جي اڏاوت کان ڪير به روڪي نه ٿو سگهي، ڇو ته پاڪستان جي بقا لاءِ ڊيم ضروري آهن. ڊيم جي اڏاوت لاءِ لنڊن جي مقامي هوٽل ۾ فنڊ گڏ ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي معاملي تي خبر پئي ته صوبن ۾ اتفاق ناهي ته سوچو هلو ڀائرن ۾ ڏڦيڙ نه ڪرڻ گهرجي پر ديامير ۽ مهمند ڊيم تي سمورن صوبن کي اتفاق آهي. هن چيو ته مهمند ۽ ديامير ڀاشا ڊيم ڇو نه ٺهي، ان سلسلي ۾ غفلت ڪنهن جي هئي اڄ خبر پئجي وئي، هاڻي سنڌو درياهه تي به ڪيترائي ڊيم ٺهندا، ڪو اهو نه سمجهي ته ڊيم جي اڏاوت ۾ رنڊڪ وجهندو. هن چيو ته ڊيم جي اڏاوت جو حڪم سپريم ڪورٽ ڏنو آهي ۽ حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪري رهي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته بلوچستان ۾ تعليم، صحت ۽ پاڻي جا سنگين مسئلا آهن، صوبي ۾ پاڻي 2 هزار فوٽ تي آهي، جيڪڏهن پاڻي جو مسئلو فوري طور حل نه ٿيو ته ماڻهن کي منتقل ٿيڻو پئجي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڻي سبب ماڻهن کي زندگي کان محروم نٿو ڪري سگهجي، پاڻي زندگي آهي ۽ زندگي جو وجود پاڻي سان ئي آهي. هن چيو ته ڊيم لاءِ منهنجي ڏوهٽي به پنهنجي جمع ٿيل رقم مان حصو وڌو، سپريم ڪورٽ جي جج ٻارڙن جا رانديڪا وڪرو ڪري 7 هزار رپيا جمع ڪيا. هن چيو ته مان پنهنجي ملڪ ۾ گهڻي بي انصافي ڏٺي آهي، ماڻهن کي يتيمن ۽ بيواهن جا حق کائيندي ڏٺو آهي، انساني حقن جا اهڙا مسئلا آهن جيڪي اندر ئي اندر تڪليف ڏيندا آهن.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟