ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي دهشتگردن خلاف انٽيلي جنس بنيادن تي ٽارگيٽڊ آپريشن کي تيز ڪن، چيني قونصليٽ تي حملي مان ظاهر ٿئي ٿو ته شهر ۾ دهشتگردن جا سهولت ڪار/مددگار آهن. هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ امن ۽ امان بابت اهم جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاهه، آئي جي پوليس ڊاڪٽر ڪليم امام، گهرو کاتي جو سيڪريٽري قاضي ڪبير، ڪمشنر ڪراچي افتخار شلواڻي، ايڊيشنل آئي جي ڪراچي امير شيخ، پاڪستان رينجرز جي نمائندن، انٽيلي جنس ادارن جي صوبائي هيڊ ۽ فائيو ڪور جي نمائندي پڻ شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته لانڍهي بم ڌماڪي کانپوءِ شهر ۾ هيءَ ٻيو واقعو آهي جنهن سان خبر پوي ٿي ته شهر ۾ دهشتگردن جا سهولت ڪار موجود آهن انهيءَ ڪري اسان کي دهشتگردن ۽ سندن سهولت ڪارن خلاف انٽيلي جنس بنيادن تي ٽارگيٽڊ آپريشن کي تيز ڪرڻو پوندو. هن سوال ڪيو ته دهشتگرد، هٿيارن ۽ گولي بارود سان مسلح هئا ۽ انهن شهر ۾ ڪٿي به رهائش اختيار ڪئي هوندي ۽ ڪلفٽن تائين پهچڻ ۾ شهر جو سفر پڻ ڪيو هوندو پر انهن کي ڪٿي به چيف نه ڪيو ويو؟ انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان کي روڊ چيڪنگ واري نظام کي پڻ مؤثر ۽ سخت بڻائڻ جي ضرورت آهي ۽ هن ايڊيشنل آئي جي ڪراچي کي هدايت ڪئي ته اهي شهر ۾ سنيپ چيڪنگ شروع ڪن. آئي جي پوليس ڊاڪٽر ڪليم امام وڏي وزير کي واقعي بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته 23 نومبر جو اٽڪل صبح ساڍي 9 وڳي نامعلوم مسلح دهشتگردن وڏي انگ ۾ گولي بارود ۽ گرنيڊز سان عبدالله شاهه غازي جي مزار جي ويجهو ڪلفٽن بلاڪ 4 ۾ واقع چائينيز قونصليٽ تي حملو ڪيو. سنڌ پوليس اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ ۽ پاڪستان رينجرز واقعي واري هنڌ تي پهتا. ڪائونٽر آپريشن دوران سمورن ٽن دهشتگردن کي ماريو ويو جڏهن ته ٻه شهري پڻ جان بحق ٿيا ۽ هڪ پرائيويٽ سيڪيورٽي گارڊ شديد زخمي ٿيو ۽ انهن سڀني کي جي پي ايم سي اسپتال منتقل ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته دهشتگردن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي. واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ اي ايس آئي اشرف دائود ۽ ڪانسٽيبل محمد عامر شامل هئا جڏهن ته نياز محمد ولد عبدالڪريم ۽ ظهير شاهه ولد نياز محمد ٻه شهري جان بحق ٿيا جنهن جو تعلق ڪوئيٽا سان هو. پرائيويٽ سڪيورٽي گارڊ محمد جمن پڻ شديد زخمي ٿيو. ان تي وڏي وزير آئي جي پوليس کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي فرض کي انجام ڏيڻ دوران پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ پوليس اهلڪارن جي ڪٽنبن جو سارسنڀال ڪئي وڃي ۽ ٻنهي شهرين جي جسدخاڪي کي بلوچستان اماڻڻ لاءِ تمام ضروري بندوبست پڻ ڪيا وڃن. ايڊيشنل آئي جي ڪراچي ڊاڪٽر امير شيخ واقعي واري هنڌ کان ملندڙ گولي بارود بابت تفصيل ٻڌائيندي چيو ته انهن ۾ سليبس آف سي فور، ٻه آتشگير مٽيريل، بيٽريون، ڪميڪل، گرنيڊز آر جي ڊي-1 جون ٻه بوتلون، 7 گرنيڊز آر جي ڊي-5 ، ٻه ايس ايم جيز ۽ رائونڊز جنهن جي ڳڻپ جاري آهي. سمورن هٿيارن کي ڊيفيوز ڪيو ويو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه ڪجهه اهم فيصلا وٺندي آئي جي سنڌ پوليس کي هدايت ڪئي ته سڀئي ڊپلوميٽڪ مشنز/قونصليٽس جو سيڪيورٽي آڊٽ ڪرايو وڃي ۽ قونصليٽن ۾ تمام حساس سي سي ٽي وي ڪيمرا نصب ڪيا وڃن.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟