لوئر اورڪزئي ۾ ڌماڪو، 33 ڄڻا مارجي ويا، 40 کان وڌيڪ زخمي

0Shares

هنگو(م ڊ) لوئر اورڪزئي ۾ ڌماڪو، 33 ڄڻا مارجي ويا، 40 کان وڌيڪ زخمي. تفصيل موجب ڪلايا بازار واري علائقي ۾ مقامي مدرسي جي گيٽ جي سامهون زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، ڌماڪي ۾ 33ڄڻا مارجي ويا ۽ 40 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو، جڏهن ته ڀرپاسي ۾ بيٺل گاڏين جا شيشا پڻ ٽٽي پيا. اطلاع ملڻ تي امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو. مقامي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڌماڪو پلانٽڊ هيو ۽ بارودي مواد موٽرسائيڪل ۾ نصب ڪيو ويو هو، ڀرسان بيٺل گاڏين جا شيشا ٽٽي پيا. سيڪيورٽي ذريعن موجب ڌماڪي ۾ 8 ڪلو گرام ڌماڪيدار مواد استعمال ڪيو ويو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن شاهديون جمع ڪري ورتيون.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں