آرمي چيف 11 انتهائي خطرناڪ دهشتگردن جي موت واري سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي

0Shares

راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا 11 انتهائي خطرناڪ دهشتگردن جي موت واري سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن خلاف فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلايا ويا ۽ انهن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته موت واري سزا حاصل ڪندڙ دهشتگرد هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملي ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرد معصوم شهرين جي قتل ۽ تعليمي ادارن کي تباهه ڪرڻ ۾ ملوث هئا، دهشتگردن جي حملي ۾ هٿياربند فوج جا 25 اهلڪار ۽ هڪ شهري شهيد جڏهن ته 22 ڄڻا زخمي به ٿيا هئا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو به هٿ ٿيو جڏهن ته 22 ڏوهارين کي عمر قيد جي به سزا ٻڌائي وئي آهي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي موجب موت جي سزا حاصل ڪندڙن ۾ انور سلام، عرفان الحق، صاحبزادا، نادر خان، امير زيب ۽ اظهار احمد شامل آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته موت جي سزا حاصل ڪندڙ دهشتگردن ۾ اڪبر علي، محمد عمران، بادشاهه عراق، عزت خان ۽ امتياز به شامل آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں