اسلام آباد (بيورو) پاڪستان آءِ ايم ايف ڪجهه مطالبا تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي جنهن کانپوءِ ڳالهيون جو پهريون دور بنا نتيجي ختم ٿي ويو . پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون گذريل ٻن هفتن کان جاري هيون جنهن ۾ آءِ ايم ايف طرفان پاڪستان جي مالي مدد لاءِ سخت شرطون سامهون آيون. رپورٽن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين جو پهريون دور بنا نتيجي ختم ٿي ويو جنهن کانپوءِ ٻئي دور لاءِ آءِ ايم ايف جو وفد ٻيهر پاڪستان ايندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان پراميد آهن ۽ ايندڙ سال 15 جنوري کان اڳ ڪنهن نتيجي تي پهچندا. ذريعن موجب پاڪستان آءِ ايم ايف جا ڪجهه مطالبا مڃڻ کان معذرت ڪئي آهي جنهن ۾ رپئي جي قيمت ۾ ڪمي، ٽيڪسن جي شرح وڌائڻ ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي. ذريعن ڄاڻايو ته آءِ ايم ايف طرفان پاڪستان سان 20 کان 22 سيڪڙو تائين بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو مطالبو ڪيو ويو جنهن تي پاڪستان معذرت ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان چين کان مالي مدد جا تفصيل فراهم ڪرڻ کان پڻ معذرت ڪئي ۽ موقف اختيار ڪيو ته اسان جون ڪجهه حدون آهن جن کي اورانگهي نٿا سگهون. ٻئي طرف پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊز جي ڳالهين تي ناڻي واري وزارت پڌرنامو جاري ڪري ڇڏيو. ناڻي واري وزارت چيو آهي ته ڳالهين ۾ ذڪر ڪرڻ جوڳي اڳڀرائي ٿي آهي، ان دوران پاليسي، ڍانچي ۽ سڌارن جي بنياد تي پروگرام بابت ڳالهه ٻولهه ٿي، ڳالهين دوران مالي ادائگين جي توازن کي بهتر بڻائڻ لاءِ حڪومتي مداخلت جهڙا مسئلا بحث هيٺ آيا. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته پاڪستان جي آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ غربت گهٽائڻ لاءِ خرچن ۽ گورننس جا معاملا بحث هيٺ آيا، ترقي ۽ ڪاروبار جي ماحول کي دوستاڻو بڻائڻ جي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. ناڻي واري وزارت چيو ته حڪومت اقتصادي ۽ سماجي بهتري لاءِ آءِ ايم ايف جي مدد کي ساراهي ٿي. هوڏانهن آءِ ايم ايف پڌرائي ۾ چيو آهي ته پاڪستان سان ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽائڻ بابت ڳالهيون ٿيون، ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرن بابت به ڳالهيون ڪيون ويون، پاڪستان سان معاهدي لاءِ ايندڙ هفتي وري ڳالهيون ٿينديون..
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟