اسلام آباد (بيورو) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تازي پاڪستان مخالف بيان تي پرڏيهي آفيس آمريڪي سفارتخاني جي انچارج کي طلب ڪري غير ضروري ۽ بي بنياد الزامن تي سخت حتجاج ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي سيڪريٽري تهمينا جنجوعا احتجاجي خط آمريڪي سفارتخاني جي انچارج پال جونز حوالي ڪيو. ترجمان موجب احتجاجي خط ۾ پاڪستان بابت صدر ٽرمپ جي غير ضروري ۽ بي بنياد الزامن تي سخت احتجاج ڪيو ويو. ترجمان موجب پاڪستان آمريڪي صدر جي تازي ٽوئيٽس تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته اساما بن لادن بابت اهڙا بيان نه قبولڻ جوڳا آهن. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته آمريڪي صدر جي تازي ٽوئٽس تي مايوسي ٿي، پاڪستان بابت اهڙي قسم جا بي بنياد نه قبولڻ جوڳا آهن. هن چيو ته پاڪستان کان وڌيڪ ڪنهن دهشتگردي جي قيمت ادا نه ڪئي آهي، آمريڪي قيادت القاعده خلاف آپريشن ۾ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي هئي، آمريڪا وساري نه القاعده جي سربراهن جو موت پاڪستان جي سهڪار سان ٿيو آهي. تهمينا جنجوعا چيو ته دهشتگردي جو خطي مان خاتمو پاڪستان جي سهڪار سان ٿيو، پاڪستان افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ عالمي برادري جو ساٿ ڏنو، پاڪستان زميني، هوائي ۽ سامونڊي رستن تان ڪميونيڪشن فراهم ڪئي، پاڪستان ۽ آمريڪا امن لاءِ افغانستان ۾ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف ڪاميابي سان وڙهيو آهي ۽ افغانستان ۾ مان لاءِ عسڪري، معاشي، سياسي توڙي سماجي قيمت ادا ڪئي، جنهن کي تسليم ڪرڻ گهرجي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور طرفان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف چيو ته خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان دهشتگردي خلاف ڪاميابي سان وڙهيو آهي، افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان سڀني ملڪن کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن. سندس چوڻ هو ته اسان سڀ کان وڌيڪ عسڪري، معاشي، سياسي ۽ سماجي قيمت ادا ڪئي آهي، دنيا کي ان جو اعتراف ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته افغانستان ۾ امن لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين پر ملڪ جي عزت ۽ سلامتي سدائين پهرين ترجيح هوندي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟