سرڪار ڪمند اگهه طئي ڪرائڻ ۾ ناڪام، اجلاس بنا نتيجي ختم، پيڙائي 30 نومبر کان شروع ٿيندي: اسماعيل راهو

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) شگر ڪين بورڊ جو اجلاس بنا نتيجي ختم، آبادگارن 200 رپيا في مڻ ۽ پاسما وارا 130 رپيا مڻ ڏيڻ تي بضد، ملز ۾ ڪريشنگ 30 نومبر تائين شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، گذريل ڏهاڙي سنڌ شگر ڪين بورڊ جو اجلاس ڪراچي ۾ زراعت کاتي جي صوبائي وزير اسماعيل راهو جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ ايم پي اي شاهينه بلوچ، زراعت کاتي جي سيڪريٽري آغا ظهير الدين، ڪين ڪمشنر، آبادگارن جا نمائندا ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي، آبادگارن ان موقعي تي چيو ته ڪمند جي پوکائي تي خرچ وڌي ويا آهن، ليبر سميت هر شيءِ جو اگهه چڙهيو آهي، ان ڪري گذريل سان کان به وڌيڪ اگهه ڏنو وڃي، گهٽ ۾ گهٽ في مڻ 200 رپيا اگهه مقرر ڪيو وڃي، جڏهن ته پاسما اڳواڻن جو چوڻ هو ته کنڊ جو اگهه تمام گهٽ آهي، خرچ تمام گهڻا آهن، ان ڪري اسين 130 رپيا مڻ کان وڌيڪ اگهه نٿا ڏئي سگهون، هنن چيو ته کنڊ جو اگهه وڌائڻ لاءِ وفاقي سرڪار سان ڳالهايو وڃي يا حڪومت سبسڊي ڏئي ٻي صورت ۾ اسان وڌيڪ اگهه نه ٿا ڏئي سگهون، ذريعن موجب آبادگارن جو چوڻ هو ته اسان 200 رپيا في مڻ کان گهٽ اگهه تي ڪمند نه ڏينداسين، جنهن کانپوءِ صوبائي وزير اسماعيل راهو معاملي کي جلد حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته ملز ۾ ڪمند جي پيڙائي دير ۾ دير 30 نومبر تائين شروع ڪئي وڃي، جنهن جي عدالت پڻ هدايت ڪئي آهي، عدالتي فيصلي تي عمل ضرور ڪرڻو پوندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں