اسلام آباد(بيورو) گڏيل مفادن واري ڪائونسل آبادي ۾ تيزي سان اضافي جي مسئلي کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ قومي سطح تي وزيراعظم جڏهن ته صوبائي سطحن تي لاڳاپيل وڏن وزيرن جي قيادت ۾ قومي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورسز جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته قابل تجديد توانائي جي استعمال ۽ ملڪ ۾ ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي عمل کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي ڀرپور ڌيان ڏيڻ تي مڪمل اتفاق ڪيو ويو. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ بين الصوبائي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير محمد فروغ نسيم، نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال، وزيراعظم جي واپار ۽ صنعت واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽرين ۽ سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. ان ڏس ۾ قومي سطح تي وزيراعظم جڏهن ته صوبائي سطحن تي لاڳاپيل وڏن وزيرن جي سربراهي ۾ قومي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورسز جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ٽاسڪ فورسز قائم ڪرڻ جو عمل 48 ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. قومي ۽ صوبائي سطحن تي جوڙيل ٽاسڪ فورسز ان کان اڳ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪمن تي قائم ٿيندڙ ٽاسڪ فورس جي سفارشن تي غور ڪنديون ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي ٺوس حڪمت عملي پيش ڪنديون جنهن ۾ حڪمت عملي تي اڳتي جي عملدرآمدي حڪمت عملي، مالياتي رخن ۽ ٺوس پاپوليشن ڪنٽرول پروگرام جي ڪاميابي لاءِ معاشري جي سمورن طبقن جي حمايت حاصل ڪرڻ بابت ٻين معاملن کي نظر ۾ رکيو ويندو. اجلاس ۾ ٻه آر ايل اين جي پلانٽس نيشنل پاور پارڪس مئنيجمينٽ ڪمپني لميٽيڊ جي ملڪيت 1223 ميگاواٽ جي بلوڪي ۽ 1230 ميگاواٽ جي حويلي بهادر شاهه کي جلد عملدرآمد لاءِ نجڪاري پروگرام جي فعال فهرست ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز جي اصولي منظوري ڏني وئي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل موجوده انرجي مڪس ۾ قابل تجديد توانائي تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ تي متفقه طور تي زور ڏنو. شرڪت ڪندڙن ۾ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ ملڪي روانگي واپار جي صلاحيت مان فائدو کڻندي صنعت جي فروغ لاءِ ملڪ ۾ ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي عمل کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي وسيع تر ڌيان ڏيڻ تي مڪمل اتفاق ڪيو ويو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟