اسلام آباد(بيورو) مسلم ليگ ن جي تاحيات قائد نواز شريف احتساب عدالت ۾ بيان قلبند ڪرائيندي چيو آهي ته پاناما جي آءِ ٽي جاچ دوران جيڪي بيان قلمبند ڪيا اهي قبولڻ جوڳيون شاهديون نه آهن، جي آءِ ٽي جي جاچ تعصب تي ٻڌل ۽ ثبوتن کانسواءِ آهي. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ نواز شريف خلاف العزيزيا ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف پيش ٿيو ۽ چوٿين ڏينهن به 342 جو بيان قلبند ڪرايو. نواز شريف مجموعي طور تي 151 سوالن جا جواب ڏنا. نواز شريف روسٽرم تي سوالن جا جواب قلمبند ڪرائيندي چيو ته منهنجي اڪائونٽ ۾ پرڏيهه مان آيل رقم صحيح ظاهر ڪئي وئي آهي، جي آءِ ٽي جاچ دوران جيڪي بيان قلمبند ڪيا اهي قبولڻ جوڳيون شاهديون نه آهن، جاچ ايجنسي سامهون ڏنل بيان عدالت ۾ شاهدي طور پيش نٿو ڪري سگهجي ۽ جي آءِ ٽي جي جاچ تعصب تي ٻڌل ۽ شاهدي کانسواءِ آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ حسن ۽ حسين جو ڪيس مان نه وڙهيو، حسن ۽ حسين نواز جو بيان منهنجي خلاف شاهدي طور پيش نه ٿو ڪري سگهجي، جي آءِ ٽي طرفان قلمبند ڪيل بيان جي قانون جي نظر ۾ ڪابه حيثيت ناهي. نواز شريف بيان لکائيندي لکائيندي جذباتي ٿي ويو ۽ لکت بيان ڇڏي سڌو جج سان مخاطب ٿي ويو ۽ چيو ته مون کي اڄ تائين سمجهه ۾ نٿو اچي ته هي ڪيس ڇو ٺاهيو ويو آهي؟ فريادي ڌر کي به خبر نه هوندي ته منهنجي خلاف ڪيس ڇو ٺاهيو ويو آهي؟ سڄي دنيا ۾ ٻار ٻاهر پڙهندا ۽ ڪاروبار ڪندا آهن، منهنجي ٻارن جيڪڏهن مون کي رقم موڪلي تي ڪهڙو عجوبو ٿي ويو، مان وزيراعظم رهيو آهيان منهنجا ٻار هتي ڪاروبار ڪن ته مصيبت، ٻاهر ڪاروبار ڪن ته پوءِ به مصيبت، منهنجي ٻارن سٺو ڪيو ٻاهر ڪاروبار ڪيو، مان سياست ۾ هئس ۽ وزيراعظم هجڻ ڪري مون کي پنهنجي ڪم لاءِ وقت نه هو. نيب پراسيڪيوٽر نواز شريف جي مڪالمي تي اعتراض ڪندي چيو ته ڪيس هي ناهي ته توهان پرڏيهه ۾ ڪاروبار ڇو ڪيو ٿا، ڪيس هي آهي ته پرڏيهه ۾ ڪيئن ڪاروبار ڪيو ٿا. نواز شريف چيو ته حڪومت اسان کي ڌڪا نه ڏئي ها ته ٻار هتي ڪاروبار ڪن ها، اسان کي پهريون 1971ع ۾ ڌڪا ڏئي ڪڍيو ويو، پوءِ 1999ع ۾ ڪڍيو ويو، جيتوڻيڪ 1971ع ۾ مان سياست ئي شروع نه ڪئي هئي، اسان خوشي سان پرڏيهه نه ويا آهيون، منهنجا ٻار ٻاهر وڃي ڪاروبار نه ڪن ها ته ڇا پنن ها، اسان خلاف ڪرپشن يا ڪڪ بيڪ جو ڪو به ثبوت ناهي، ٻارڙن جي ڪاروبار بابت سرڪاري رقم جي خرد برد نه ڪئي وئي، مان پاڻ سمجهڻ کان لاچار آهيان ته منهجي خلاف هي ڇا آهي؟ نواز شريف چيو ته منهنجو العزيزيا اسٽيل ملز سان ڪو تعلق ناهي ۽ نه ئي ان بابت حسن ۽ حسين سان ڳالهه ٿي هئي. هن چيو ته جي آءِ ٽي جي جاچ تعصب تي ٻڌل هئي، ٻار پرڏيهه ۾ ڪاروبار نه ڪن ها ته ڇا خيراڪ گهرن ها.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟