سنڌ اسيمبليءَ ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ تي بحث، وفاق مٿان ويڳي ماءُ واري ورتاءُ جو الزام

0Shares

 ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ تي بحث ڪيو ويو، وفاق تي سنڌ جا توانائي منصوبا روڪڻ ۽ بجلي لوڊشيڊنگ جي مسئلي ۾ ماٽيلي ماءُ واري سلوڪ ڪرڻ جو الزام، سنڌ سرڪار دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪڏهنوفاق سنڌ کي بجلي ٺاهڻ ڏئي ته سنڌ پوري ملڪ مان توانائي بحران ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڪالهه اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر راشد خلجي تحريڪ التوا پيش ڪندي چيو ته سنڌ ۾ بجلي جي لوڊ شيڊنگ سبب عوام ڀوڳي پيو، سنڌ سرڪار وفاق سان  ڳالهائي، سنڌ سرڪار به ميڪنزم جوڙي ٽرانسميشن لائينون تبديل ڪرڻ سان گڏ بلن جا مسئلا حل ڪرائي عوام کي رليف ڏئي، پ پ ايم پي اي اسپيشل اسسٽنٽ منور وساڻ چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي به بجلي بند نه ٿي ٿئي ۽ سنڌ ۾ وري 18 کان 20 ڪلا ڪ بجلي اچي نه ٿي، اها سنڌ سان ناانصافي آهي، هن چيو ته بجلي بند ٿيڻ سان معاشي نقصان سان گڏ پورهيت سفر ڪن ٿا، پي ٽي آءِ جي سنڌ ۾ موجود ميمبرن کي خاموش نه ٿيڻ گهرجي، اهي ساٿ ڏين ته مسئلو حل ڪرايون، ايم ڪيو ايم جي محمد حسين  چيو ته واپڊا وفاق جي ڪنٽرول ۾ آهي پر ڪي اليڪٽرڪ جي خبر ناهي اهو ڪنهن جي ڪنٽرول ۾ آهي، وفاقي سرڪار عوام سان زيادتي جي ذميوار آهي، هن چيو ته لو وولٽيج سان نقصان جو ازالو نه ٿو ٿئي، تعليم ۽ ڪاروبار به متاثر ٿئي پيو، پ پ ايم پي اي شرجيل ميمڻ چيو ته شهرن ۾ 8 ڪلاڪ ۽ ڳوٺن ۾ 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿئي ٿي، حسيڪو، سيپڪو ۽ ٻين ادارن وٽ ملازم توڙي ميڪنزم نه آهي، غريبن کي اضافي بل ڏنا وڃن ٿا، ٻڌڻ وارو ڪير به نه آهي، هن چيو ته ڳوٺن ۾ ته ٿوري ٿوري ڳالهه تي بجلي جا ٽرانسفارمر ئي لاهيا ويندا آهن، چوري ڪندڙن جي بل پياريندڙن کي سزا نه ڏني وڃي ۽ نه ئي وري پوري صوبي کي سزا ملڻ گهرجي، جي ڊي اي جي نصرت سحر عباسي چيوته عوام بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب ڀوڳي پيو، پ پ  وارا ٻڌائين ته انهن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ان معاملي کي ڪيترو اٿاريو آهي، سنڌ سرڪار  ڊيم توڙي سولر انرجي جا منصوبا مڪمل نه ڪيا، سولر جا بلب 90 رپين بدران 283 رپين ۾ عوام کي ڏنا ويا، متحد جي ڪنور نويد جميل چيو ته وفاق ذميوار آهي پر ارڙهين ترميم بعد سنڌ سرڪار به ذميوار آهي،پ پ صوبائي وزير هري رام ڪشوري لال چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ سان گڏ گئس جو به مسئلو وڌي ويو آهي، هن چيو ته پرويز مشرف بجلي لاءِ ڪجهه نه ڪيو پر بدنام وري پ پ کي ڪيو پيو وڃي، غلط ثابت ٿيا ته استعيفيٰ ڏيندس پي ٽي آءِ جي ارسلان تاج چيو ته بجلي جي معاملي تي سنڌ جي عوام سان گڏ آهيون، سنڌ سرڪار سياست چمڪائڻ بدران حقيقتن تي ڳالهائي ته ساٿ ڏينداسين. پ پ جي صوبائي وزير شهلا رضا چيو ته وفاق سنڌ کي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ گئس نه ٿو ڏئي، سنڌ سرڪار ته غلط آهي پر پي ٽي آءِ ته تبديلي آندي آهي، اها پنهن ڪارڪردگي ٻڌائي ڪهڙي آهي. صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته سنڌ ۾ 15 کان 18 ڪلاڪ بجلي لوڊشيڊنگ ٿئي پئي، سنڌ سرڪار بجلي ڊسٽريبيوشن نه ٿي ڪري سگهي، اهو ڪم وفاق ڪندو آهي، هن چيو ته سنڌ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکڻ سان گڏ پوري ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿو،  سنڌ جا 25 منصوبا وفاق وٽ پيل آهن، 4 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهون ٿا، هن چيو ته سي سي آءِ ۾ سنڌ سرڪار بجلي پاڻي، گئس ۽ ٻين مسئلن تي آواز اٿاريو پر ننڍن صوبن جي اتي ٻڌڻي ئي نه ٿي ٿئي، هن چيو ته سنڌ کي او جي ڊي سي ايل سميت ٻين ادارن ۾ نمائندگي ئي نه ٿي ڏني وڃي، اجلاس ۾ ۾ زراعت کاتي بابت سوال جواب ڪيا ويا، زراعت کاتي جي صوبائي وزير اسماعيل راهو  دعويٰ ڪئي ته ڪمند جي آبادگارن کي ادائيگيون ٿي ويون آهن، شگر ملون ڪمند جو فصل دير سان تيار ٿيڻ ڪري هلڻ ۾ دير ٿي آهي، باقي قانون موجب ملون پهرين آڪٽوبر کان هلڻيون آهن، هن چيو ته سنڌ شگر بورڊ جڙي ويو آهي ان جي گڏجاڻي به رکي آهي، جنهن ۾ ڌرين سان گڏ ويهي شگر ملون هلائڻ ۽ ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو، هن چيو ته وفاق ۽ ارسا جي مهربانين سان پاڻي 38 سيڪڙو گهٽ مليو آهي، ان ڪري ڪڻڪ جي پوکي به گهٽ ٿي آهي، ان باجود گهرج موجب ڪڻڪ جو اسٽاڪ موجود آهي، اجلاس ۾ حضور ضلعم کي 12 ربيع الاول تي خراج تحسين پيش ڪرڻ بابت متحده مجلس عمل جي ايم پي اي عبدالرشيد پاران پيش ڪيل ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته حضور صلعم جي ذات پوري انسانيت لاءِ هدايت  آهي، سندس سنتن تي عمل ڪري  دنيا ۽آخرت ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي، هن اقليتن جي تحفظ جو به درس ڏنو، هي ايوان  حضور صلعم جي زندگي مان سبق سکڻ  جو عزم ڪري ٿو،  ٺهراءُ يڪراءَ منظور ڪيو ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں