عوام جارحاڻي پروپيگنڊا کان آگاهه رهي، گڏيل قومي جواب جي ضرورت آهي: آرمي چيف

0Shares

راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته هاڻي اسان هائبرڊ عسڪريت جي سامهون آهيون، قوم خاص ڪري نوجوانن کي انهن مسئلن کان بچائڻ لاءِ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف اهڙن خيالن جو اظهار جي ايڇ ڪيو ۾ نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ پاڪستان کي مختلف خطرن کي منهن ڏيڻو پيو، قوم ۽ هٿياربند فوج بهادري، ڪاميابي سان چيلنجن کي منهن ڏنو. هن چيو ته جنهن مقصد لاءِ قربانيون ڏنيون، انهن کي حاصل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، ضرورت آهي ته هاڻي اسان گڏ ٿيون ۽ ترقي ڪيون. جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته قوم ۽ هٿياربند فوج انهن خطرن کي شڪست ڏني آهي، اسان هاڻ هائبرڊ عسڪريت جي سامهون آهيون، ان جنگ ۾ مذهبي، فرقيواراڻي، لساني ۽ سماجي اشوز کي ڏسي رهيا آهيون، هائبرڊ شڪل ۾ قومي ۽ گڏيل جواب ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پروپيگينڊا ذريعي عوام کي ورهايو پيو وڃي، قوم خاص ڪري نوجوانن کي انهن مسئلن کان بچائڻ جي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں