نئين دهلي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان جي نياڻي سارا علي خان انڪشاف ڪيو آهي ته سندس والد جي بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور سان ٻي شادي ۾ شرڪت جي موقعي تي سندس امڙ امريتا سنگهه کيس تيار ٿيڻ ۾ مدد ڪئي هئي. سيف علي خان ۽ سارا ويجهڙ ۾ ڪرن جوهر جي شو” ڪافي ود ڪرن“ ۾ شرڪت ڪئي. شو دوران سيف علي خان جي ڪرينا ڪپور سان ٻي شادي بابت ڳالهائيندي سارا ڄاڻايو ته منهنجي امڙ، منهنجي والد جي شادي ۾ شرڪت لاءِ تياري ۾ مدد ڪئي هئي، ڪيئي ماڻهن جو خيال هوندو ته ڪرينا عجيب آهي يا منهنجي امڙ عجيب آهي، پر اسان لاءِ اها ڪا وڏي ڳالهه نه هئي. سارا موجب هر ڪو مونسان پنهنجي لاڳاپن بابت تمام گهڻو واضح هو. ان ۾ ڪا به ڪشمڪش نه هئي، ڪرينا پاڻ چيو ته تنهنجي هڪ سٺي ماءُ آهي ۽ منهنجي خواهش آهي ته اسان سٺن دوستن وانگر رهون. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته منهنجي امڙ ڪڏهن به مونکي ائين نه چيو ته ڪرينا تنهنجي ٻي ماءُ آهي، يا هن ڪڏهن به صورتحال کي مون لاءِ خراب ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي. سارا چيو ته هو ان ڳالهه تي خوش آهي ته سندس والدين پنهنجي پنهنجي زندگي، ڪم ڪارن ۾ مصروف آهن ۽ هاڻ سندس ٻه پرسڪون گهر آهن. ان موقعي تي سيف علي خان پڻ انڪشاف ڪيو ته ڪرينا ڪپور سان شادي واري ڏينهن هن پهرين گهرواري امريتا جي نالي هڪ نوٽ پڻ لکيو هو. ننڍي نواب انڪشاف ڪيو ته هن نوٽ ۾ لکيو ته زندگي جو هڪ ناياب باب شروع ٿي رهيو آهي ۽ اهو پڻ لکيم ته اسان هڪ سٺو وقت گڏ گذاريو آهي، پوءِ اهو نوٽ مون ڪرينا کي ڏيکاريو ۽ ان کي اڳتي موڪلي ڇڏيو،جنهن بعد سارا فون ڪري چيو ته هو هويئن به شادي ۾ شرڪت ڪري رهي هئي پر هاڻ هو وڌيڪ خوشي سان اچي رهي آهي. واضح رهي ته سارا، سيف علي خان جي پهرين گهرواري امريتا سنگهه جي نياڻي آهي، سيف علي خان آڪٽوبر 2012 ۾ ڪرينا ڪپور سان ٻي شادي ڪئي هئي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟