آخرڪار عاليه ڀٽ پنهنجي شادي تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

0Shares

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ ۾ هن وقت شادين جي سيزن آهي جنهن تحت 14 ۽ 15 نومبر تي رنوير سنگهه ۽ دپيڪا پڊوڪون جي شادي ٿي هئي، ۽ ايندڙ مهيني نڪ جونس ۽ پريانڪا چوپڙا به شادي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندا، جڏهن ته ٻئي طرف اداڪار ورون ڌون به چيو ته هو به جلدي شادي ڪرڻ وارو آهي، ۽ رنبير ڪپور به پهريان اهو چئي چڪو آهي ته عاليه ڀٽ ان جا لاڳاپا اڃا شروعاتي مرحلي ۾ آهن ۽ ان حوالي سان ڪجهه چئي نٿو سگهجي، ۽ هاڻي پنهنجي شادي جي خبرن جي آخر ڪار عاليه ڀٽ به خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي هن پنهنجي مداحن کي مشهور ڏنو آهي ته هو ٿورو انتظار ڪن ، ڀارتي ميڊيا موجب صحافين سان ڳالهائيندي عاليه ڀٽ چيو ته ان جي شادي تي تبصرو ڪرڻ ماڻهن کي ٿورو انتظار ڪرڻ گهرجي، “لڪس ايوارڊ شو” جي موقعي عاليه ڀٽ جو چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو ان جي شادي ڏسڻ جا خواهشمند آهي اهي ٿورو انتظار ڪن انهن کي انتظار ۾ سٺي خوشي ڏسڻ لاءِ ملندي ۽ هو مايوس نه ٿيندا، اداڪارا لڪيل استعمال ڪندي ٻڌايو ته ڪلائيميڪس ماڻهن کي مزو ڏيندو ۽ ان جي شادي بابت ڪهاڻين جو اختتام تمام گهڻو پيارو هوندو، جڏهن ته هن رنبير ڪپور سان محبت ۽ شادي جي حوالي سان واضع طور ڪابه ڳالهه نه ڪئي، ان سان گڏ هن پريانڪا چوپڙا جي شادي جي خبرن تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته مان ان جي شادي جي منتظر آهيان،

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں