گلگت (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ جي اقتدار تي موجود سياسي جماعت ۽ اڳوڻي حڪمران جماعت عوام کي رليف ڏيڻ بدران گار گند واري سياست ڪري رهيون آهن، پيپلز پارٽي ئي گلگت بلتستان کي جمهوري ۽ معاشي حق ڏيارڻ جي حوالي سان اثرائتا ۽ سنجيده قدم کڻندي. بلاول ڀٽو زرداري ضلعي تنظيمن سان ملاقات ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي ۽ گلگت بلتستان جو مضبوط رشتو آهي جڏهن به پيپلز پارٽي وفاق ۾ حڪومت ۾ آئي آهي گلگت بلتستان لاءِ آئيني ۽ انتظامي سڌارا ڪيا آهن خاص ڪري اڳوڻي صدر آصف علي زرداري گلگت بلتستان کي انتظامي صوبو ٺاهيو هن مقامي هوٽل ۾ استور اسڪردو، شڪر، گهانچي ۽ کرمنگ جي ضلعي تنظيمن سان ملاقات ۾ چيو ته پيپلز پارٽي کي هاڻي موقعو مليو ته هتان جي نو جوانن جي جذبن کي اڳيان رکندي وڌيڪ بهتر قدم کنيا ويندا. پ پ جي چيئرمين چيو ته گلگت بلتستان جي سمورن ضلعن ۾ ويندس ۽ هتان جي مسئلن کي ايوان ۾ بهتر انداز ۾ اٿاري ڀرپور نموني سان آواز اٿاريندس. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گلگت بلتستان تمام خوبصورت آهي ۽ خطو پاڪستان لاءِ بيهڪ جي لحاظ کان خاص اهميت جوڳو آهي. هن چيو ته مون کي خبر آهي ته گلگت بلتستان جا گهڻا ماڻهو سنڌ ۾ رهن ٿا، سندن مسئلا حل ڪرڻ سميت تعليمي ادارن ۾ گلگت بلتستان جي تعليم هيٺ شاگردن جي ڪوٽا وڌائڻ جي حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير کي هدايتون ڏيندس ۽ هو تمام جلد ان تي عمل ڪرائيندو پ پ جي چيئرمين چيو ته پ پ جي اڳوڻي حڪومت پاڪستان ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نالي سان هڪ ادارو قائم ڪيو هو جنهن مان لکين غريب فائدو حاصل ڪري رهيا آهن ۽ هن مالياتي اداري مان به گلگت بلتستان جا ماڻهو فائدو حاصل ڪري رهيا آهن هن چيو ته هڪ جماعت پنهنجو مدو پورو ڪيو ۽ ٻي جماعت حڪومت ڪري رهي آهي ٻئي عوام کي رليف ڏيڻ يا اهڙا موقعا پيدا ڪرڻ بدران گار گند جي سياست ڪري رهيون آهن هن چيو ته پ پ ملڪ جي واحد جمهوري جماعت آهي جنهن جا ڪارڪن پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ موجود آهن هن چيو ته اسان جو مقصد ملڪ ۾ جمهوري قدرن جي ذريعي ادارا هلائڻ ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ جي حوالي سان ڪم ڪرڻ آهي ته جيئن جمهوريت مضبوط ٿيڻ سان ادارا مضبوط ٿين. ان موقعي تي سيد نير بخاري، قمرالزمان ڪائره ۽ مصطفيٰ نواز کوکر سميت ٻيا اڳواڻ به موجود هئا.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟