ڌاڙيلن جي ڳالهه ڪرڻ تي اپوزيشن واڪ آئوٽ ڪندي آهي، زرداري جي گرفتاري سان فرق نه پوندو: وفاقي سرڪار

0Shares

جهلم(م ڊ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جن ماڻهن خزانو خالي ڪيو انهن کان پيسا واپس وٺنداسين جڏهن ڪرپشن ڏانهن ڌيان ڇڪايو ته مخالف ڌر واڪ آئوٽ ڪري وڃي ٿي ملڪ کي فلاحي رياست بنائڻ لاءِ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ڪرڻي پوندي عوام کي پيئڻ جو پاڻي مهيا ناهي ۽ حڪمران ميٽرو ٺاهيندا رهيا آچر تي سڌ سماءِ جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين فتح پور ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته جڏهن ڪرپشن ڏانهن ڌيان ڏيارجي ٿو ته مخالف ڌر واڪ آئوٽ ڪري وڃي ٿي هن چيو ته مان چوان ٿو ته ڌاڙيلن کي ناهي ڇڏڻو ته مخالف ڌر واڪ آئوٽ ڪري وڃي ٿي هن وڌيڪ چيو ته اسان جي تعليمي ادارن ۾ ٻارڙن کي انگريزي پڙهائڻ وارا استاد ناهن سڌ سماءَ جي وفاقي وزير چيو ته حڪمرانن جا ٻارڙا لنڊن ۽ آمريڪا ۾ پڙهي رهيا آهن چوڌري فواد چيو ته ملڪ کي فلاحي رياست بنائڻ لاءِ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ڪرڻي پوندي هن چيو ته جهلم ۾ هزارين سال پراڻي تاريخ جا امين ماڻهو آهن هن چيو ته حڪومت جي ذميواري آهي ته انهن علائقن جي ترقي لاءِ ڪم ڪري. سڌ سماءَ جي وزير چيو ته هر سال جهلم مان اربين رپيا قومي خزاني ۾ وڃن ٿا 15 سئو ارب رپيا بلوچستان ويا پر ڪوئيٽا ۾ اسپتال ناهي فواد چوڌري چيو ته گذريل 10 سالن ۾ خرچ ٿيندڙ کربين رپيا ڪيڏانهن ويا هن چيو ته عوام جي نمائندگي نه ڪندڙ پارليامينٽ ڪيئن هلي سگهي ٿي اهڙو نظام ٺاهينداسين جو سرڪاري پيسا عام ماڻهوءَ جي مرضي سان استعمال ٿي سگهن چوڌري فواد حسين چيو ته هي رڳو بلدياتي نظام سان ئي ممڪن ناهي عوام وٽ پيئڻ جو پاڻي ناهي، بجلي ناهي، روزگار ناهي هن وڌيڪ چيو ته سائيڪل تي سفر ڪندڙ اڄ وڏين وڏين گاڏين ۾ گهمي رهيا آهن هن چيو ته اسان جي عزت اوهان ماڻهن سان آهي ڪيل واعدا پورا ڪنداسين.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں