منزل تائين پهچڻ لاءِ “يوٽرن” وٺڻ ليڊر جي سڃاڻپ آهي: عمران خان

0Shares

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ يوٽرن وٺڻ عظيم قيادت جي سڃاڻپ هوندي آهي. وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي گڏيل عرب امارتن ۾ موجود آهي. پنهنجي ٽوئيٽر بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ يوٽرن وٺڻ عظيم قيادت جي سڃاڻپ هوندي، جڏهن ته ناجائز طريقي سان حاصل ڪيل رقم کي بچائڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ بي ايمان جي سڃاڻپ آهي.وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪوڙ جو سهارو وٺي چوريءَ جو مال بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ بي ايمانن جو طريقو آهي. اهڙي طرح پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ يوٽرن جو آپشن استعمال ڪرڻ عظيم قيادت جو طريقو آهي

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں