ڪوئيٽا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏيءَ ڀرسان ڌماڪو، 3 اهلڪار شهيد، 4 زخمي

0Shares

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي علائقي مارگٽ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي ويجهو ٿيل ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 اهلڪار شهيد ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. سيڪيورٽي ذريعن مطابق فورسز جي گاڏي راشن کڻي وڃي رهي هئي ته مارگٽوٽ گاڏي آڏو زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهنڪري گاڏي کي سخت نقصان پهتو ۽ ان ۾ شامل 3 جوان شهيد ٿي ويا ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. شهيدن جا لاش ۽ زخمين کي ڪوئيٽا اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں