ميرپور خاص ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سنڌو تي ڊيم اڏڻ ۽ ڌارين جي آبادڪاري خلاف ريلي

0Shares

ميرپورخاص (ڊ ر) ميرپورخاص سنڌ ايڪشن ڪميٽي سنڌو تي ڊيم ٺھڻ ڌاريا آبادگاري خلاف احتجاجي ريلي. سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران  سنڌ يونائيڊ پارٽي جي مرڪزي چيئرمن جلال محمود شاهه جي اڳواڻي ۾  ايم اي جناح روڊ کان مين پوسٽ آفس چوڪ تائين  احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي پوسٽ آفس  چوڪ تي پھچي مظاھري ۾ تبديل ٿي وئي. مظاھري کي خطاب ڪندي قومپرست اڳواڻن جنھن م سنڌ يونائٽڊ پارٽي جي مرڪزي چيئرمن سائين جلال محمود شاھ چيو ته سنڌ م وڌندڙ پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ جون سٺ فيصد زمينو بنجر بنجي چڪيو آھن سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي سنڌ جي پاڻي تي ڊيم ٺاھي سنڌ کي بنجر ڪيو پيو وڃي.سنڌ جي ٻھراڙي وارا علائقه بنجر بنجي ويا آھن ۽ ماڻھون لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھن. سنڌ م وڌندڙ انتھا پسندي عروج تي پھچي چڪي آھي. جلال محمود شاھ جو اھو به چوڻ ھيو ته ڊيم ٺاھڻ جي لاء موجودا حڪومت جيڪو چندو ڪيو آھي ان چندي جي پيسن کان وڍيڪ پيسا اشتھارن تي خرچ ڪري چڪا آھيو. تواھان عوام جي پيسن تي اشتعار ڏئي رھيا آھيو. پاڪستان جي عوام بک بدحالي واري زندگي گزارڻ تي مجبور آھي ۽ توھان ڊيم ٺاھڻ ۾ مصروف آھيو. ھن عوام کي ڊيمن جي نه بلڪي روزگار جي ضروت آھي جيڪو توھان عوام کان ڦري ورتو آھي غريب عوام مٿان ٽيڪس ھڻي ھن کي ويتر غربت م ڌڪي ڇڏيو آھي. قوم پرست ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيلن کي آزاد ڪيو وڃي جسقم بشيرخان جي اڳواڻ ديدارشام جو چوڻ ھيو تہ سنڌو تي اسان سنڌين جو حق آھي ۽ اسان جي مرضي کان بغير ڪنھن به قسم جو  ڪو به ڊيم نٿا ٺاھي سگھو. جسقم آريسر آزاد پنھور جو چوڻ ھيو تہ ھڪ پاسي پنجاپ سنڌ تي ڊيم ٺاھي ته ٻئي پاسي سنڌ سکي پئي  پنجاب بجلي ٺاھي سنڌ جو پاڻي بند ڪري رھيو آھي. جيئي سنڌ محاذ (جسم) اڳواڻ رياض چانڊيو جو چوڻ ھيو ته پاڪستان جي حڪمرانن توڙي عدالتن کي سنڌ دشمنن کي ڊيمن جا منصوبا صرف پنجاب لاء ڇا پاڪستان صرف پنجاب تي مشتمل آھي. سنڌ جو چوٿو نمبر وڏو شھر اڄ تباھي جو ڏيک ڏئي رھيو آھي  جيئي سنڌ محاذ خالق جوڻيجو. عوامي تحريڪ مرڪزي اڳواڻن  پڻ تقريرو ڪيون.

0Shares
کیٹاگری میں : سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں