ابوظهبي ٽيسٽ: حسن علي ۽ ياسر شاهه نيوزيلينڊ کي ٽوٽا چٻائي ڇڏيا، 5-5 شڪار

0Shares

ابوظهبي(اسپورٽس نيوز) ابوظهي ٽيسٽ جو ٽيون ڏينهن پاڪستاني بالرن جي نانءُ رهيو، حسن علي ۽ ياسر شاهه 5-5 شڪار ڪري نيوزيلينڊ جي پوري ٽيم کي 249 رنسن تي ڍير ڪري ڇڏيو. پاڪستان وٽ ٽيسٽ ميچ کٽڻ لاءِ شاندار موقعوموجود. نيوزيلينڊ پنهنجي نامڪمل اننگ جي شروعات هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 56 رنسن تان ڪئي ۽ پوري ٽيم 249 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ويٽلنگ 59، نڪولس 55، راول 46، وليمسن 37 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. پاڪستان طرفان حسن علي ۽ ياسر شاهه 5-5 شڪار ڪيا. نيوزيلينڊ کي پهرين اننگ ۾ 74 رنسن جي خساري سبب پاڪستان کي 176 رنسن جو هدف مليو. قومي ٽيم ڏينهن جي پڄاڻي تي بنا وڪيٽ وڃائڻ جي 37 رنسون ٺاهي ورتيون. پاڪستان کي آخري ڏينهن نيوزيلينڊ کان ٽيسٽ ميچ کٽڻ لاءِ 139 رنسن جي ضرورت آهي جڏهن ته قومي ٽيم کي 10 وڪيٽون ئي هٿ ۾ آهن. پاڪستان کي ڪيويز خلاف ٽيسٽ ميچ کٽڻ جو سنهري موقعو آهي بظاهر پاڪستان جي ڪاميابي يقيني نظر اچي رهي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں