رنوير ۽ دپيڪا اٽليءَ کان ممبئي پهچي ويا

0Shares

ممبئي (شوبز نيوز ) ممبئي بالي ووڊ نئون شادي شدا جوڙو دپيڪا ۽ رنوير سنگهه اڄ صبح اٽليءَ کان ممبئي پهچي ويو. اٽلي جي خوبصورت ترين هنڌ ليڪ ڪومو ۾ دپيڪا ۽ رنوير جي شاديءَ جون تقريبون ٿيون جتي مخصوص مهمانن کي ئي دعوت ڏني وئي هئي. شاديءَ کانپوءِ نئون جوڙو جڏهن ممبئي ايئرپورٽ پهتو ته ٻنهي کي سخت سيڪيورٽي ۾ ايئرپورٽ کان رنوير سنگهه جي رهائشگاهه تي پهچايو ويو، ٻنهي کي هڪجهڙي رنگ جا ڪپڙا پهريل  هئا. رنوير سنگهه جي رهائشگاهه ٻاهران ٻنهي ميڊيا آڏو اچي خاص پوز پڻ ڏنا، ان کان اڳ اٽلي ۾ شادي جي تقريبن دوران ڪيمرائن کي پري رکيو هو. دپيڪا ۽ رنوير پنهنجن دوستن کي بئنگلور ۾ 21 نومبر ۽ ممبئي ساٿي اداڪارن کي 28 نومبر تي آجياڻو ڏيندا. واضح رهي ته 32 ورهين جي دپيڪا ۽ 33 ورهين جي رنوير جي جوڙي پهريون ڀيرو سنجي ليلا ڀنساليءَ جي فلم” رام ليلا“ ۾ منظرعام تي آئي هئي جنهن کانپوءِ ان جوڙي سنجي ليلا ڀنسالي جي هدايتڪاري هيٺ ئي ٺهندڙ فلمن، باجي رائو مستاني ۽ هلندڙ سال جي سڀ کان ڪامياب فلم پدماوت ۾ گڏ ڪم ڪيو هو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں