ڀارتي اداڪارا نيها ڌوپيا ماءُ بڻجي وئي

0Shares

ممبئي (شوبز نيوز ) ڀارتي اداڪارا نيها ڌوپيا ماءُ بڻجي وئي ۽ سندس گهر ڌيءَ جي ولادت ٿي آهي. تفصيل موجب نيها ڌوپيا جي ترجمان ميڊيا کي خوشبري ٻڌائيندي اعلان ڪيو ته اداڪارا جي گهر اڄ صبح سوير ڌيءَ  کي جنم ڏنو ، ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته نهيا ڌوپيا ممبئي جي وومينز اسپتال ۾ ننڍڙي پري کي جنم ڏنو آهي ۽ ٻارڙيءَ صحت مند آهي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته نهيا ڌوپيا ۽ اداڪارا انگد سان هلندڙ سال مئي ۾ اچتو شاديءَ جو اعلان ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته آگسٽ ۾ نيها ڌوپيا شادي جي ٽن مهينن کانپوءِ اميد سان هئڻ جو اعلان ڪيو هو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں