ابوظهبي ٽيسٽ: پاڪستان 227 رنسن تي ڍير، ڪيويز کي پهرين اننگ ۾ 74 رنسن جو خسارو

0Shares

ابوظهبي ( اسپورٽس نيوز ) ابوظهبي ٽيسٽ جي ٻئين ڏينهن پاڪستاني ٽيم 227 رنسن تي ڍير ٿي وئي. بابر اعظم 62 رنسون ٺاهي سڀ کان ڪامياب ترين بيٽسمين رهيو. ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن پاڪستان نيوزيلينڊ خلاف پنهنج  ناممڪمل اننگ جي شروعات 2 وڪيٽن جي نقصان تي 59 رنسن سان ڪئي ته اظهر علي 10 ۽ حارث سهيل 22 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا. ٻئي رانديگر گهڻو وقت ڪريز تي ٽڪي نه سگهيا ۽ اظهر علي 22 ۽ حارث سهيل 38 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويا. جنهن کانپوءِ بابر اعظم ۽ اسد شفيق ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌايو ٻنهي رانديگرن وچ ۾ 83 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي ته اسد شفيق 43 رنسن تي بولٽ جو شڪار بڻيو، جنهن کانپوءِ ڪپتان سرفراز احد بيٽنگ لاءِ آيو پر هو به گهڻي دير وڪيٽ تي نه بيهي سگهيو ۽ کيس ٻن رنسن تي پٽيل پويلين موڪليو. ان کانپوءِ 195 رنسن جي گڏيل اسڪور تي پاڪستان کي ستون جهٽڪو لڳو جڏهن بلال آصف 11 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. پاڪستان جو اٺون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر ياسر شاهه هو جيڪو 220 رنسن جي گڏيل اسڪور تي 9 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو. 227 رنسن تي پاڪستان کي نائون جهٽڪو حسن علي جي صورت ۾ لڳو جيڪو 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، پاڪستاني ٽيم جو ڏهون ۽ آخري آئوٽ ٿيندڙ بيٽسمين بابر اعظم هيو جيڪو 62 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. اهڙي طرح پاڪستاني ٽيم 227 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي ۽ نيوزيلينڊ مٿان 74 رنسن جي ليڊ حاصل ڪري ورتي. نيوزيلينڊ طرفان ٽرينٽ بولٽ 4، گرينڊ هوم ۽ پاٽيل 2-2 جڏهن ته واگنر ۽ اش سوڌي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ڏينهن جي پڄاڻي تي نيوزيلينڊ 56 رنسن تي هڪ وڪيٽ وڃائي ڇڏي جڏهن ته نيوزيلينڊ کي اڃا 18 رنسن جو خسارو برقرار آهي. ٻيو ڏينهن مڪمل ٿيڻ تي جيٽ راول 26 ۽ ڪپتان ڪين وليمسن 27 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں