لاهور (بيورو) سپريم ڪورٽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار انور مجيد ۽ اي جي مجيد سميت حسين لوائي کي به اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو جڏهن ته چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته هي ماڻهو بااثر آهن ڪراچي ۾ هنن جو اقتدار آهي کين اسلام آباد منتقل ڪيو وڃي ته جيئن آزاد نموني جاچ ٿي سگهي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جعلي ڪيس اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ٻڌڻي دوران انور مجيد جي وڪيل جوابدار کان ڪراچي ۾ ئي جاچ جي اپيل ڪئي جنهن کي چيف جسٽس رد ڪري ڇڏيو عدالت انور مجيد، اي جي مجيد ۽ حسين لوائي کي اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو چيف جسٽس چيو ته انور مجيد کي پمز اسپتال، اي جي مجيد ۽ حسين لوائي کي اڍيالا جيل منتقل ڪيو وڃي. مڪمل جاچ کان پوءِ ڏٺو ويندو ته کين واپس موڪليو وڃي انور مجيد جي وڪيل پاران ڪراچي ۾ جاچ جي اپيل تي جسٽس اعجازالحسن ريمارڪس ڏنا ته اوهان جي اسرار سان اسان وڌيڪ غير مطمئن ٿي رهيا آهيون ته ان جي پويان ڪو سبب آهي چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن انور مجيد عام جهاز تي نٿو اچي سگهي ته ايئر ايمولينس ۾ کڻي اچو ٻڌڻي دوران ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ عدالت کي ٻڌايو ته انور مجيد انڪوائري ۾ تعاون نه پيو ڪري ان تي چيف جسٽس چيو ته هاني جي آءِ ٽي کي بااختيار بڻايو ويو آهي 10 ڏينهن ۾ تفصيلي رپورٽ پيش ڪريو جي آءِ ٽي ان لاءِ ٺاهي ته جيئن ڄاڻي سگهي ته ڪڪ بيڪس جا جي پئسي کي قانوني ڪيئن بڻايو ويو انور مجيد جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اومني گروپ 1.2 بلين سلڪ بئنڪ، 1.8 بلين سمٽ بئنڪ، 4.98 بلين نيشنل بئنڪ ۽ 4.6 بلين سنڌ بئنڪ کي ادا ڪرڻا آهن هي ادائيگيون پراپرٽي جي صورت ۾ ڪيون وينديون جسٽس ثاقب نثار وڪيل سان مڪالمو ڪيو ته مقرر تاريخ تائين ادائيگي نه ٿيون ته قانون تحت ڪارروائي ڪئي ويندي ان موقعي تي جي آءِ ٽي عدالت کي ٻڌايو ته اومني گروپ مارڪيٽ ويليو کان وڌيڪ پنهنجي پراپرٽي جو ريٽ ٻڌائي رهيو آهي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ملڪيتن جي قيمتن بابت سمورن بئنڪن جا سربراهه حلف نامه جمع ڪرائن ٻڌڻي دوران عائٻ ماڻهن جي وڪيل به عدالت آڏو ٻڌايو ته ڪيس جا ٻه شاهد غائب آهن انهن کي بازياب ڪرايو وڇي چيف جسٽس وڪيل کي چيو ته سنڌ جو وڏو وزير يا ان جي باس کي چئو اهي بازياب ڪرائين سمجهي رهيا آهيو نه مان ڇا چئي رهيو آهيان. واضح رهي ته ايف آءِ اي جعلي بئنڪ اڪائونٽس جي ذريعي مني لانڊرنگ جي جاچ ڪري رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد ۽ خانگي بئنڪ جو سربراهه حسين لوائي به ايف آءِ اي جي حراست ۾ آهن جڏهن ته جاچ ۾ تيزي کان پوءِ هن وقت تائين ڪيترا ئي جعلي اڪائونٽس ظاهر ٿي چڪا آهن جن ۾ فالودي وارو ۽ رڪشي واري جي اڪائونٽس مان به ڪروڙين رپيا نڪتا آهن.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟