وفاقي حڪومت سرڪاري جهاز جي استعمال سميت شريف خاندان خلاف وڌيڪ 4 ڪيس نيب ۾موڪلڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0Shares

اسلام آباد(بيورو) حڪومت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نياڻي مريم نواز خلاف نيب کان جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نواز شريف جي وزيراعظم ۽ پارليامينٽ جي ميمبر طور ذميواري هئي ته هو اثاثن جي باري ۾ ٻڌائي، نواز شريف اليڪشن ڪميشن کي پڻ اثاثن جا تفصيل نه ڏنا. شهزاد اڪبر چيو ته گذريل حڪومتي دور وزيراعظم جي جهاز جو غيرقانوني استعمال ٿيو، هوائي سفر تي 340 ملين رپيا غيرقانوني طور تي خرچ ڪيا ويا، شهباز شريف جهاز جو غيرقانوني استعمال ڪيو، مريم نواز پڻ جهاز جو استعمال ڪيو، ان جي نيب کان جاچ ڪرائينداسين. وزيراعظم جي خاص مددگار چيو ته گفٽ اينڊ انٽرٽينمينٽ جي مد ۾ وڏا خرچ ڪيا ويا، پنجن سالن ۾ تحفن تي خرچ ڪيل خرچن جو پتو پئجي ويندو. شهزاد اڪبر وڌيڪ چيو ته برطانوي اخبار جنهن ملڪيت جو ذڪر ڪيو، نواز شريف ان کي لڪايو، برطانوي اخبار شريف خاندان جي ملڪيت جي باري ۾ تحقيقي خبر ڇاپي، لنڊن ملڪيتن بابت نيب جاچ ڪري. شهزاد اڪبر چيو ته لنڊن ۾ڪلثوم نواز جي نالي تي ملڪيت کي لڪايو ويو. پاڪستانين 10 سالن دوران دبئي ۾ 15 ارب ڊالر رئيل اسٽيٽ ۾ لڳايا،  اسان اهو ناهي چيو ته 200  ارب ڊالر ناهن، سوئيٽزر لينڊ سان هلندڙ سال معاهدو ٿي ويندو. اثاثن جي واپسي  لاءِ پرڏيهي ملڪن سان لنڪ تلاش ڪري رهيا آهيون. مسنگ لنڪ  اها  آهي ته معاهدو ڪرڻ ۽ 6 سالن جي دير ڪئي وئي. جرمني ۽ سوئيس اختيارين کي چيو  آهي ته ثبوت ڏنا وڃن ته صحيح صورتحال  واضح ٿي وڃي. هن چيو ته نيب  قانون ۾ ترميم لاءِ  تيار آهيون پر ادارا ڪمزور ٿيڻ نه ڏينداسين. نيب تي وڌيڪ نگراني لاءِ ادارو ٺاهڻ جو ڪو به ارادو ناهي. هن چيو ته وزيراعظم  ۽ سي ايم هائوسز جو وڌيڪ رڪارڊ نيب کي ڏئي رهيا آهيون. برطانيا کان شريف خاندان جي ملڪيت جا تفصيل گهريا آهن. هن شريف خاندان جي خرچن جا تفصيل نيب کي موڪلڻ جو اعلان ڪندي چيو ته شهبازشريف  ۽ مريم نواز جي  سرڪاري جهاز استعمال   ڪرڻ جو ڪيس نيب کي اماڻي رهيا آهيون. شريف خاندان  خلاف 4 ڪيس نيب کي موڪلي رهيا آهيون.  سيڪيورٽي جي نالي تي شريف خاندان ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا. ساڍا 27  ڪروڙ رپيا ديوار تي خرچ  ڪيا ويا. نيب آزاد نموني  جاچ ڪري سمورو رڪارڊ ڏينداسين. شهبازشريف 60  ڪروڙ رپيا هوائي سفر تي خرچ ڪيا.  200 ارب کان وڌيڪ  پرڏيهه آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں