اهو تاثر غلط آهي ته اسين ڪي فور منصوبو بحريا ٽائون کي ڏئي رهيا آهيون: مراد علي شاهه

0Shares

ٺٽو(ڊ ر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڄ مڪاني اداري واري صوبائي وزير سعيد غني سان گڏجي ڪينجهر ڍنڍ تي ڪي فور منصوبي جي سائيٽ جو دورو ڪيو ۽ منصوبي  بابت ميڊيا بريفنگ ڏيندي سنڌ جي وڏي وزير ٻڌايو ته ڪي فور منصوبي  جي ڊيگهه 121 ڪلو ميٽر آهي ۽ ان لاءِ 50 ميگا واٽ جو پاور پلانٽ  لڳائڻ جي ضرورت آهي،  جنهن لاءِ نيپرا سان ڳالهه ٻولهه  شروع ٿي چڪي آهي. هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت منصوبي لاءِ گهربل زمين حاصل ڪرڻ لاءِ 5 ارب رپيا مختص ڪيا آهن جنهن مان  3.8 ارب رپيا جاري ٿي چڪا آهن. هن چيو ته ان منصوبي  تي ڪل  75 ارب رپيا لاڳت آئي آهي. هن ٻڌايو ته ڪي فور منصوبي جا ٽي مرحلا آهن جنهن سان ڪراچي کي 650 ايم جي ڊي پاڻي مهيا ٿيندو، پهرين مرحلي 260 ايم جي ڊي پاڻي ڪراچي کي فراهم ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير ٻڌايو ته ڪي فور منصوبي جي 2014 جي پي سي ون جي حساب سان 25.551  رپيا لاڳت مان 50 سيڪڙو وفاق کي  ڏيڻا هئا پر هاڻي ڇاڪاڻ جو وقت گذرڻ سان منصوبي جي لاڳت ۾  اضافو ٿي ويو آهي ۽ هاڻي ان تي اٽڪل 75 ارب رپيا لاڳت ايندي ۽ انهيءَ حساب سان وفاق کي حصو ڏيڻو آهي جنهن لاءِ اسان وفاقي وزير فيصل واوڊا سان به ڳالهايو آهي ۽ هو به منصوبي لاءِ اسان کي سپورٽ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسين هن جي آخري فزيبليٽي ٺاهي رهيا آهيون جنهن ۾ ايف ڊبليو او ۽ واٽر بورڊ جا ماهر حصا وٺي رهيا آهن جيڪي فزيبيلٽي  تيار ڪندا. هن چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته اسين ڪي فور منصوبو بحريا ٽائون کي ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته ان  ڪي فور منصوبي جو سندس اهو ٻيو دورو آهي _ هن چيو ته 2 سال اڳ  شروع ٿيندڙ ان ڪي فور منصوبي ۾ وقت جي گذرڻ سان ڪافي مسئلا سامهون آيا آهن جڏهن ته ڪراچي کي پاڻي پهچائڻ لاءِ ان کانسواءِ ڪو منصوبو نه آهي.  هن اميد ظاهر ڪئي ته منصوبي کي مڪمل ڪرڻ ۾ وفاقي حڪومت مدد ڪندي. هڪ سوال تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ سنڌ کي وڌيڪ پاڻي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي ته جيئن اسين ان منصوبي وسيلي ڪراچي جي رهواسين کي پاڻي فراهم ڪري سگهون. هن چيو ته وفاقي حڪومت اڳئي رقم جاري ڪرڻ ۾ سستي ڪئي هئي پر گذريل سال وفاق بجيٽ مهيا ڪيو آهي. هن چيو ته ڪي فور منصوبي ۾  وقت ته  ضرور لڳو آهي پر ڪراچي جي رهواسين کي انهيءَ منصوبي مان پاڻي مهيا ٿيندو. هن چيو ته اسين بدين ۽ ٺٽي ۾ پڻ ڊي سيلينيشن پلانٽ ذريعي پاڻي مهيا ڪنداسين. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جي خاتمي لاءِ وفاق سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، کاري پاڻي کي مٺو ڪري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ جو وڏو مسئلو ڪي فور منصوبي ذريعي حل ٿي ويندو، پر ان لاءِ ڪجهه فني سببن جي ڪري خرچ جي لاڳت ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ڪي فور منصوبي جي ٽن مرحلن ذريعي ڪراچي کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو ويندو. ڪي فور منصوبي کي 70 کان 75 ارب رپيا خرچ اچي سگهن ٿا، جنهن لاءِ معاملو سي سي آءِ ۾ کنيو آهي ۽ ٽيڪنڪ کان پڻ ان لاءِ منظوري ورتي ويندي. هن چيو ته وفاقي وزير پاڻي ۽ بجلي سان پڻ ان حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں