سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ نيڪال ڪرڻ لاءِ 6 ارب 70 ڪروڙ سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو، 100 ڪلو واري ٻوري ءَ جو اگهه 3315 رپيا مقرر

7Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر): سنڌ ڪابينا وڏين سماجي براين تي ضابطي آڻڻ لاءِ ٻارن جي پنڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي ۽ سماجي ڀلائي واري کاتي کي هدايت ڪ آهي ته هو سگنل ۽ گهٽين تان ٻارن کي کڻي انهن کي پنهنجن ويلفيئر مرڪزن ۾ رکن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه نيو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سنڌ ڪابينا اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ سمورن صوبائي وزيرن شرڪت ڪئي. صوبائي صلاحڪار ۽ معاونين خصوصين کي خاص طور تي اجلاس ۾ گهرايو ويو هو. چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاهه اجلاس جي ڪارروائي جير شروعات ڪئي. اجلاس ۾ ڪڻڪ جي فصل 2018 جي اگهه مقرر ڪرڻ بابت رپورٽ، پينو فقيرن تي هاڻوڪي قانوني صورتحال جي رپورٽ، نئين ڪيپيٽو پاور پلانٽن تي ٽيرف جي فرق جي سبسڊي، سيهوڻ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي گورننگ باڊي جي جوڙجڪ، سنڌ زڪوات ۽ عشر ايڪٽ جي ترميم، صوبائي ڪابينا جي مالي معاملن بابت اختيارن تي غور ڪيو ويو. ڪابينا ۾ پاڻي جي صورتحال تي پريزينٽينشن بطور هڪ اضافي آئيٽم تي غور ڪيو ويو. وڏي وزير جي قانون ۽ اطلاعات بابت صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ڪابينا پاران 3 سيپٽمبر 2018 جو گداگري جي مسئلي تي جوڙيل پنهنجي ڪميٽي جون سفارشون پيش ڪيون. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ صحت بابت صوبائي وزير ڊاڪٽر عذارا پچوهو ۽ سماجي ڀلائي بابت وزير هري رام هئا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڄاڻايل مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيترائي قانون موجود آهن.  ڏکڻ پاڪستان ويگرينسي آرڊيننس 158 جي شڪ 7 جي تحت گداگري تي پابندي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گداگري ٻارن کان ڪرائي ويندي آهي جيڪي سڌو سنئون يا بلاواسطه طور تي گداگري لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن ۽ اهي ڪجهه عورتون يا مرد جيڪي پاڻ کي ٻارن جو ڪسٽوڊين ظاهر ڪندا آهن نظر اچن ٿا، اهو سنڌ چائيلڊ ايڪٽ 1955 جي شڪ 49 جي خلاف ورزي آهي. رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته 2011 ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ چائيلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي ايڪٽ – 2011 پاس ڪيو هو جنهن ۾ ٻارن جي حقن کي يقيني بڻائڻ ۽ انهيءَ بابت خاص اُپاءُ وٺڻ تي زور ڏنو ويو هو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ڪابينا جي مشاورت کانپوءِ صوبي ۾ گداگري تي پابندي مڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ پهرين مرحلي ۾ پنندڙن لاءِ استعمال ٿيندڙ ٻارن تي مڪمل طور تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. وڏي وزير سماجي ڀلائي واري کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته هو ٻارن جي پنندڙ بابت هڪ خاص مهم شروع ڪري ۽ گڏوگڏ  هُن ضلعي انتظاميا ۽ پوليس کي هدايت ڪئي ته هو ٻارن جي گداگري خلاف هلندڙ سماجي ڀلائي واري کاتي پاران هلندڙ مهم جي حوالي سان هر ممڪن مدد ڪن ۽ پنندڙ ٻارن کي سوئيٽ هوم ۽ اسٽريٽ چلڊرن ڪورنگي اماڻيو وڃي جتي انهن جي بحالي وارو ڪم شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته آئون انهن کي ڇت، خوراڪ، راندين جي سرگرمي ۽ تعليم فراهم ڪرڻ چاهيان ٿو ته جيئن اهي اسان جي ملڪ لاءِ فائديمند شهري بڻجي سگهن. هن سماجي ڀلائي واري کاتي کي پڻ هدايت ڪئي ته چائيلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي کي هڪ موثر ادارو بڻايو وڃي. هن چيو ته ”هيلپ لائين 1121 جو ميڊيا ۾ لازمي طور تشهير ڪئي وڃي ته جيئن عام ماڻهو ٻارن جا جيڪي به حق آهن ۽ جيڪا مفاهمت نظر اچي انهيءَ جي شڪايت ڪري سگهي.“ هن چيو ته اڳئين مرحلي ۾ هڪ ٻيو موثر ۽ جامع مهم پينو فقيرن بابت شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته ڪوبه ٻار سگنل يا گهٽين ۾ پنندي نظر نه اچي. واضح رهي ته اسٽريٽ چلڊرن سينٽر ڪورنگي پڄاڻي جي مرحلن ۾ آهي. وڏي وزير ورڪس ۽ سروسز واري صوبائي وزير سيد ناصر شاهه کي هدايت ڪئي ته هو انهيءَ کي جلد کان جلد مڪمل ڪري ۽ هن جي تياري تائين پينو فقيرن ۽ ٻارن کي سوئيٽ هوم ۾ رکيو ويندو. سنڌ ڪابينا پنهنجي 1745815 ٽن ڪڻڪ ذخيري کي 3315 في سو ڪلو جوٽ بيگ ۽ 3250 پي پي بيگ سان گڏ ڊسپوز آف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تي صوبائي خزاني تي سبسڊي جي صورت ۾ 6.7 بلين رپين جو مالي بار پوندو. وڏي وزير چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي هئي جنهن ۾ سيڪريٽري ناڻو ۽ سيڪريٽري خوراڪ بطور ميمبر شامل هئا، انهن جاري اگهه بابت سفارشون پيش ڪيون. ڪميٽي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اسٽاڪ پوزيشن 1745815 ٽن آهي. ڪميٽي ڪڻڪ ڊسپوز آف ڪرڻ لاءِ 4 آپشن ڏنا. پهرئين آپشن مطابق 3400 في سو ڪلو بيگ (جوٽ) ۽ 3335 پي پي بيگ جنهن تحت 5904 بلين رپيا سبسڊي جي مد ۾ ٺهن ٿا. ٻئي آپشن ۾ 3350 في سو ڪلو جوٽ بيگ ۽ 3300 پي پي بيگ جنهن جي نتيجي ۾ 6.303 بلين رپين جو بار پوندو ۽ ٽئين آپشن ۾ 3315 رپيا في سو ڪلو جوٽ بيگ ۽ 3250 پي پي بيگ ۽ ان جي نتيجي ۾ 6.761 بلين رپيا سبسڊي جي صورت ۾ مالي ٻوجهو پوندو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن ٽيون نمبر آپشن منظور ڪيو وڃي ٿو ته سمورو اسٽاڪ تاجر برادري کڻي ويندا، جيڪڏهن اسٽاڪ فوري کنيو وڃي ٿو ته انهيءَ سان سبسڊي جي بار ۾ گهٽتائي ايندي ڇوته فيوميگيشن ۽ مناسب اسٽوريج جي مد ۾ ٿيندڙ ڳري واڌو خرچ ڪرڻو نه پوندو، وڌيڪ اهو ته ٻج کي ڪيڙو به نه لڳندو. بهرحال ايندڙ ڪڻڪ جي فصل، اسٽاڪ جي صورتحال ۽ ٻين خرچن کان بچڻ لاءِ ڪابينا آپشن نمبر ٽئين جي منظوري ڏني جنهن تحت 3315 رپيا في سو ڪلوگرام جوٽ بيگ ۽ 3250 رپيا في سو ڪلوگرام پي پي بيگ سان گڏ بطور جاري اگهه طور مقرر ڪيا ويا آهن. ڪابينا اجلاس ۾ سنڌ نيو ڪيپيٽو پاور پلانٽس (ايس اين سي پي پي) تي ٽيرف جي فرق جي سبسڊي بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته حڪومت کي 6 ايس اين سي پي پي جا 2.3 بلين رپين جا ڪليمز موصول ٿيا. وڏي وزير چيو ته اهو 6 ايس اين سي پي پي ڳوٺاڻن علائقن مثال طور دادو، شڪارپور، ٺٽي وغيره ۾ واقع آهن ۽ 103.7 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن ۽ انهيءَ کي لوڪل گرڊ ۾ فيڊ پڻ ڪري رهيا آهن. هن چيو ته انهيءَ ڪارڻ ننڍن ضلعن ۾ جيئن شڪارپور ۾ لوڊشيڊنگ ۾ ڪهڙي ريت گهٽتائي آئي آهي ان تي توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته انهيءَ جو ڪوبه خاطرخواه اثر نظر نه ٿو اچي. هن چيو ته پيدا ٿيندڙ بجلي نيشنل گرڊ ۾ فيڊ ڪئي پئي وڃي انهيءَ ڪري انهيءَ جي اسسمنٽ جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي. وڏي وزير صوبائي وزير کي هدايت ڪئي ته هو مقامي لوڊشيڊنگ ۾ پوندڙ فرق جو اندازو لڳائڻ لاءِ بندوبست ڪن ۽ کين رپورٽ ڏني وڃي. مراد علي شاهه چيو ته ايس اين سي پي پي جي ڪليم جي چارٽر اڪائونٽ کان تصديق ڪرائي وڃي ته تمام سبسڊي ڪليمز ايڪٽ، قاعدا، ٽيرف پاليسي، نيپرا ٽيرف ۽ ٻيا لاڳاپيل قاعدن جي مطابق آهن. ڪابينا 2.3 بلين رپين جي سبسڊي جي منظوري ڏني ۽ انهيءَ جي ادائيگي قانون مطابق ڪئي ويندي. وڏي وزير جي پاڻي بابت معاون خصوصي اشفاق ميمڻ ڪابينا کي ٻڌايو ته ارسا هلندڙ ربيع جي مد لاءِ زراعيت جي پاڻي لاءِ 38 سيڪڙو کوٽ ڊڪليئر ڪئي آهي ۽ انهيءَ کوٽ ۾ واڌ جو انديشو پڻ آهي. صوبائي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته نومبر ۽ ڊسمبر 2018 جي مهينن دوران ڪڻڪ فصل جي لڻائي لاءِ  وڌيڪ فراهمي جي ڀيٽ ۾ ڊسمبر جي آخري 10 ڏينهن ۽ جنوري جي آخر ۾ پاڻي جي فراهمي گهٽ رکي ويندي ته جيئن پابندي جو فائدو کڻي سگهجي ۽ فيبروري جي فصلن لاءِ پاڻي کي محفوظ بڻائي سگهجي. ڪينالز، برانچز ۽ شاخن ۽ چشمن ۾ پاڻي جي فراهمي لاڳاپيل علائقن پاران تيار ڪيل روٽيشن پلان مطابق رکي ويندي. پيئڻ جي پاڻي جي باقائده فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. ڪابينا زڪوات ۽ عشر واري قانون ۾ ترميم جي منظوري ڏني جنهن تحت ڪراچي شهر کي 6 ضلعن ۾ ڊڪليئر ڪيو ويو آهي ته جيئن انهيءَ حساب سان زڪوات جي ورڇ ڪري سگهجي. ٻئي طرف اجلاس کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير جي سڌ سماءَ بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ميڊيا کي بريفنگ دوران ٻڌايو ته اجلاس دوران وڏي وزير هدايت ڪئي ته عدالتي فيصلو ٿيڻ تائين اومني گروپ کي سبسڊي نه ڏني وڃي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪراچيءَ جي ماڻهن سان ڪيل واعدا پاڙڻ کان لنوائي رهي آهي، تازو ٿيل اجلاس ۾ ڪراچي لاءِ صاف پاڻي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو.

7Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں