پاڪ فوج پاران قانون جي حڪمراني لاءِ رياستي ادارن جي حمايت جاري رکڻ جو عزم

0Shares

راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس جي ايڇ ڪيو ۾ ٿي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جي صدارت هيٺ 215هين ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي ۽ سلامتي، پاڪ افغان سرحد تي باڙ، اوڀر واري سرحد ۽ جيو اسٽريٽجڪ صورتحال جو جائزو ورتو ويو. آءِ ايس پي آر موجب ڪانفرنس ۾ ڀارت طرفان جنگبندي جي ڀڃڪڙين ۽ ڄاڻي واڻي بيگناهه شهرين کي هدف بڻائڻ تي به غور ڪيو ويو، جڏهن ته ملڪ ۾ پائيدار امن آڻڻ لاءِ پاڪ فوج جون ڪوششون جاري رکڻ سان گڏوگڏ ان عزم جو به اظهار ڪيو يوو ته ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام، خوشحالي، قانون جي حڪمراني ۽ عملداري لاءِ رياستي ادارن جي حمايت جاري رهندي. آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ رياست جي رٽ يقيني بڻائڻ ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ سمورن رياستي ادارن جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو جڏهن ته ملڪ ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ پاڪ فوج جو ڪوششون جاري رکڻ ۽ علائقائي امن لاءِ سمورن قدمن جي حمايت جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں