موجوده حڪومت وٽ منصوبابندي جي اهليت ۽ نه وري صلاحيت آهي: چيف جسٽس

0Shares

اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار بني گالا ۾ حددخلين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ريمارڪس ڏنا آهن ته موجوده حڪومت وٽ نه ته اهليت آهي ۽ نه ئي صلاحيت ۽ نه ئي منصوبابندي آهي اڱاري تي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرن واري بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ته ان موقعي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل سي ڊي اي پاران رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي رپورٽ موجب 1960 جي نقشي موجب بني گالا جي زون 4 ۾ رستا آهن، 1992 ۽ 2010 ۾ ترميم ڪئي ويئي ۽ زون 4 جي ڪجهه علائقن ۾ خانگي هائوسنگ سوسائٽين جي به اجازت ڏني ويئي ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته اڃا ڳچ سرسبز علائقو موجود آهي جنهن کي بچائي سگهجي ٿو جنهن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اوهان هن علائقي ۾ رستا ۽ سيوريج ٺاهيا آهن، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته موجوده حڪومت وٽ نه ته اهليت آهي ۽ نه ئي صلاهيت ۽ نه هئي منصوبابندي ممڪن آهي ته اوهان زمين اندر بجلي جون لائينون وڇايون ۽ ٽرينون به هلائڻ چاهيو ان لاءِ به اوهان کي زمين گهرجي ڇو ته نئون پاڪستان ٺهي رهيو آهي چيف جسٽس چيو ته ڪيئن هن منصوبي کي عمل ۾ آندو ويندو منصوبي تي عمل ڪرڻ لاءِ پئسا ڪٿان ايندا رڳو ڪاغذ تي لکي آڻڻ سان منصوبا ناهن ٺهندا چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته جن ڪيسن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي اهي اڌ ۾ ڇڏي نه وينداسين پر انهن جو فيصلو ڪري وينداسين چيف جسٽس چيو ته بني گالا ۾ سهولتن لاءِ زمين گهرجي، منصوبابندي تحت ڊيولپمينٽ ڪرڻي آهي ته زمين خريد ڪرڻي پوندي مالڪن کي ازالو ادا ڪرڻو پوندو ۽ ريگيولرئيزيشن لاءِ پئسا ڏيڻا پوندا چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن نئون شهر اڏڻ چاهيون ٿا ته سي ڊي اي زمينون حاصل ڪري ان موقعي تي سروي جنرل آف پاڪستان جي نمائندي عدالت کي ٻڌايو ته 3.42 ملين سي ڊي اي ۽ اسلام آباد ڪيپيٽل 33 ڏيڻا آهن ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته سي ڊي اي ادائيگي جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي ڪجهه پئسا پنجاب حڪومت کي به ڏيڻا آهن سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته سروي جنرل آف پاڪستان کي هڪ مهيني ۾ ادائيگي ڪئي وڃي ان موقعي تي ماحوليات جي ڊي جي عدالت کي ٻڌايو ته ماحوليات جي تحفظ جي حق ۾ سول عدالت جو ڏنل فيصلو نه پيو ملي جنهن تي سپريم ڪورٽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 22 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں