ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين جي عبوري ضمانت ۾10ڊسمبر تائين واڌ

0Shares

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جِي بئنڪنگ ڪورٽ، سنڌ ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ انور مجيد جي پٽن جي عبوري ضمانت ۾ 10 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. بئنڪنگ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ اسڪينڊل جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران اڳوڻو صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، علي مجيد، نمر مجيد، مصطفيٰ ذوالقرنين سوڌو ٻيا پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر عدالت ٻڌايو ته روپوش جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي لاءِ قانوني گهرجون پوريون ڪيون ويون آهن، جڏهن ته جوابدارن جي گهرن ٻاهران اشتهار به لڳايا ويا آهن. اڳوڻو صدر آصف زرداري عدالت ۾ حاضري لڳائڻ کانسواءِ ئي واپس هليو ويو، جنهن تي کيس ٻيهر طلب ڪيو ويو. وڪيلن آصف زرداري کي فون ڪري ٻڌايو ته اوهان حاضري نه لڳائي آهي، جج صاحب حاضري لڳائڻ لاءِ گهرائي رهيو آهي. آصف زرداري رستي مان واپس ٿيو ۽ بئنڪنگ ڪورٽ ۾ حاضري لڳائي، جنهن دوران جيالن جو به وڏو انگ موجود هو. عدالت ڪيس ۾ شريڪ جوابدارن جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سندن ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. بئنڪنگ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر سوڌو  انور مجيد جي پٽن جي عبوري ضمانت ۾ 10 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. عدالت آصف زرداري ۽ ٻين جوابدارن کي ٻيهر پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں