ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ اقليتن جي ڀلائي واري ڪميٽي مان 5 ميمبر هٽائڻ بابت جي ڊي اي ميمبر نصرت سحر عباسي جي قرارداد رد، مخالف ڌر جو احتجاج، واڪ آئوٽ، پرائيويٽ ميمبرز ڊي جي موقعي تي پي ٽي آءِ جي ڊاڪٽر سيما ضياءَ پاران ٻارن کي مفت تعليم جي فراهمي بابت پيش ڪيل ٺهراءُ يڪراءَ پاس جڏهن ته لياري ۾ غير قانوني طور گهڻ ماڙ عمارتن جي اڏاوتن تي پابندي بابت ايم ايم اي جي ميمبر عبدالرشيد پنهنجو ٺهراءَ صوبائي وزير سعيد غني جي ان يقين ڏيارڻ تي واپس وٺي ڇڏيو ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ان حوالي سان قاعدن ۽ ضابطن تي عمل درآمد ڪرائڻ کي يقيني بڻائيندي. تعليم واري وزير عدالت جي حڪمن تي خانگي اسڪولن پاران عمل نه ڪرڻ، ڪراچي ۾ 7 هزار کان وڌيڪ خانگي اسڪول غير رجسٽرڊ هجڻ ۽ 80 گز جي پلاٽن تي خانگي اسڪول هجڻ جو اعتراف، مسئلن جي حل لاءِ ايڊوائيزري ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان، تفصيل موجب سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري جي صدارت هيٺ هڪ ڪلاڪ 35 منٽ دير سان صبح جو 11 لڳي 35 منٽن تي شروع ٿيو، اجلاس ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي نصرت سحر عباسي خانگي ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته سنڌ جي اقليتن جي ڀلائي واري ڪميٽي مان غيرقانوني ۽ غير آئيني طور تي مقرر ڪيل پارليامينٽ جا 5 ميمبر هٽايا وڃن، جنهن کي اڪثريت راءِ سان رد ڪيو ويو، ان کان اڳ ٺهراءَ تي ڳالهائيندي جي ڊي اي جي نندڪمار گوڪلاڻي چيو ته ارڙهين ترميم جون ڌڄيون اڏايون ويون آهن، حڪومت پاران جوڙيل ڪميٽي جو نالو پ پ ويلفيئر ڪيمٽي رکيو وڃي، ايم ڪيو ايم جي منگلا شرما چيو ته ڪميٽي ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن کي ڇو نه ٿو شامل ڪيو وڃي، حڪومت کي خوف آهي ڇا ته مخالف ڌر ميمبر ڪرپشن ڪندا يا ڪرپشن جي نشاندهي ڪندا، ان دوران صوبائي وزير سعيد غني جواب ڏيندي چيو ته حڪومت کي اهو اختيار آهي ته ڪنهن کي به ڪميٽي ۾ کڻي، ضروري ناهي ته مخالف ڌر کي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ کنيو ويندو آهي نه ڪي هر ڪميٽي ۾ کنيو وڃي، ٻڌايو وڃي ته ڪميٽي ڪهڙي قانون خلاف آهي، هن چيو ته پيش ڪيل ٺهراءَ جالفظ به انتهائي غلط آهن، ميمبر کي گذارش آهي ته اها ٺهراءُ واپس وٺي، ان دوران اقليتي معاملن واري وزير جواب ڏيڻ چاهيو پر مخالف ڌر جا ميمبر سيٽن تي اٿي بيهي رهيا ۽ احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا رهيا، ان دوران اسپيڪر ٺهراءَ ايوان ۾ پيش ڪيو جيڪو اڪثريت سان رد ڪيو ويو، رد عمل ۾ مخالف ڌر جا ميمبر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا. پر تحريڪ انصاف جي ميمبر ڊاڪٽر سيما ضياءَ مخالف ڌر جو ساٿ نه ڏنو ۽ ايوان ۾ ويٺي رهي. پرائيويٽ ميمبرز ڊي جي موقعي تي پي ٽي آءِ جي ايم پي اي ڊاڪٽر سيما ضياءَ هڪ خانگي ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ٻارن جي مفت ۽ لازمي تعليم واري قانون تي عمل ڪيو وڃي، هن چيو ته تعليم حاصل ڪرڻ هر ٻار جو حق آهي ۽ تعليم ڏيڻ سرڪار جي ذميواري آهي، خانگي اسڪولن ۾ 10 سيڪڙو مفت تعليم ۽ اسڪول انتظاميا ساليانو 5 سيڪڙو في اضافي تي عمل نه پئي ڪري، خانگي اسڪول اسٽاف جي ٻآرن کي مفت تعليم ڏين ٿا اصل حقدارن کي مفت تعليم نه ٿي ملي، ان لاءِ ڪميٽي ٺاهي وڃي جيڪا معاملن کي ڏسي، هن چيو ته بل ته پاس ٿي ويو پر رولز اڃا تائين نه ٺهيا آهن، حڪومت کي هڪ ضلعي ۾ اسڪولن کي ماڊل بڻائي جنهن جو مثال قائم ڪري ٻين ضلعن تي لاڳو ڪيو وڃي. ٺهراءَ تي پي ٽي آءِ ميمبرن رابعا اظفر نظامي، خرم شير زمان ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي بل تي ڳالهائيندي چيو ته خانگي اسڪولن لاءِ ريگيوليٽر اٿارٽي ٺهڻ گهرجي، پنهنجي مدد پاڻ تحت هلندڙ اين جي اوز کي هٿي ڏيڻ گهرجي، پ پ ميمبرن ماروي راشدي ۽ هير سوهو به بل جي حمايت ڪئي، صوبائي وزير سردار شاهه اعتراف ڪيو ته خانگي اسڪول في ۽ مفت تعليم وارن معاملن تي عمل نه ٿا ڪن، ڊائريڪٽوريٽ به اختيار ۽ اسٽاف نه هجڻ جو ڪارڻ ڄاڻائي انهن کي عمل نه ڪرائي سگهي،حالت ته اها هئي جو ڊائريڪٽوريٽ جي اسٽاف کي وڏن اسڪولن ۾ داخل ٿيڻ جي به اجازت نه هوندي هئي، هن چيو ته ٻارن جي معاملي تي سياست نه ٿي ڪري سگهجي، هي ٺهراءُ عوام جي حق ۾ آهي، خانگي اسڪول 10 سيڪڙو مفت تعليم ڏيڻ ۽ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ في نه وٺڻ جا پابند آهن پر عمل نه پيا ڪن، صوبائي وزير چيو ته رجسٽرڊ خانگي اسڪولن جو تعداد 12 هزار 670 آهي، جن مان ڪراچي ۾ 6 هزار 700 اسڪول آهن، ڪراچي ۾ 80 گز جي پلاٽن تي به اسڪول هلن پيا، جتي ٻارن لاءِ ڏکيائيون آهن، عدالت پاران خانگي اسڪولن کي ڏنل مهلت 2 ڊسمبر تي ختم ٿيندي، ان بعد ڪينٽين، لائبريري، گرائونڊ ۽ ٻيون سهولتون نه ڏيندڙ اسڪولن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪندڙ اسڪولن کي سيل ڪيو ويندو، سردار شاهه انڪشاف ڪيو ته خانگي اسڪول ۾ حالت اها آهي ته گريڊ به ڪمرشل بنيادن تي ڏنا وڃن ٿا،هڪ لک رپيا پگهار کڻندڙن جا 80 هزار ٻارن جي تعليم تي خرچ پيا ٿين، ان ڪري سرڪاري ادارن تي اعتماد ڪيو وڃي، هن اعلان ڪيو ته تعليمي معاملا اڪلائڻ لاءِ ايڊوائيزري ڪميٽي جوڙي ويندي، جنهن ۾ پارليامينٽ ميمبرن کانسواءِ ٻاهران به ميمبر کنيا ويندا.ٻئي طر ف ايم ڪيو ايم جي محمد حسين جي ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ نه هجڻ بابت مهملي واري تحريڪ تي ٽرانسپورٽ واري وزير سيد اويس قادر شاهه جواب ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جو مسئلو آهي، سنڌ سرڪار ٽرانسپورٽ هلائڻ لاءِ تيار آهي، پر وفاق پنهنجي ڪمٽمينٽ تي يو ٽرن مٿان يو ٽرن وٺي پيو، هن چيو ته سنڌ سرڪار کي ٽرانسپورٽ جي معاملن جو احساس آهي، جلد عوام جي سهولت لاءِ ڪراچي جي روڊن تي ٽرانسپورٽ جي سهولت ڏني ويندي. ايم ايم اي جي ميمبر عبدالرشيد لياري ۾ غير قانوني ٺهندڙ گهڻ ماڙ عمارتن بابت ٺهراءَ پيش ڪيو. هن ٺهراءُ پيش ڪندي چيوته لياري ۾ گرائونڊ پلس ون کان وڌيڪ ٺهندڙ عمارتن تي پابندي وڌي وڃي، ان سان لياري جي سڃاڻپ متاثر ٿي رهي آهي، ان تي ايم ڪيو ايم جي محمد حسين حمايت ڪندي چيو ته رڳو لياري نه پر پوري ڪراچي ۾ پابندي لڳائي وڃي، پي ٽي آءِ ميمبر مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوش شميم نقوي ۽ خرم شير زمان مخالفت ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ 6 منزله عمارتن کان وڌيڪ منزلون ٺاهڻ تي لڳل پابندي به ختم ٿيڻ گهرجي، پابندي سان معاشي تباهي پئي ٿئي، گهڻ ماڙ عمارتون ٺهڻ سان معاشي فائدا ٿين ٿا، باقي علائقن جي سڃاڻپ برقرار رکڻ گهرجي، هنن چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ڪرپشن جو ڳڙهه بڻيل آهي، بلڊر ڪم ڪرائڻ لاءِ پئسا به ڏين ٿا، مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني اعتراف ڪيو ته ڪراچي ۾ اڌ کان به وڌيڪ عمارتون غيرقانوني ٺهيل آهن، انهن خلاف گڏجي ڪم ڪنداسين، ادارن جي ڪوتاهين سبب عمارتون ٺهي ويون، انهن ۾ عوام به رهي پيو هاڻي انهن کي ڊاهي نه ٿو سگهجي ڇاڪاڻ ته انهن ۾ رهندڙ عوام وٽ ٻي جاءِ ٺهرائڻ جي طاقت به نه آهي، انهن لاءِ ڪو رستو ڪڍڻو پوندو، جيڪي غيرقانوني عمارتون ٺهيون ۽ انهن ۾ اڃا عوام ويٺو نه آهي ته انهن کي ڊاهيو ويندو، هتي ته 60 ۽ 80 گز جي پلاٽن تي به گهڻ ماڙ عمارتون ٺاهيون ويون آهن، بلڊر به ڪرپشن ۾ ملوث آهن ڇاڪاڻ ته رشوت ڏيڻ ۽ وٺڻ ٻئي عمل غلط آهن. اجلاس جي ڪارروائي جاري هئي ته اسپيڪر اجلاس اڄ اربع ڏينهن صبح جو 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟