اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ ۾ مبينه جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ ٻڌڻي دوران جي آءِ ٽي جي سربراهه حتمي رپورٽ ڏيڻ لا ءِ هڪ مهيني جو وقت گهري ورتو آهي جڏهن ته چيف جسٽس ثاقب نثار اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد جي پٽ نمر مجيد کي گرفتار ڪري جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو اشارو ڏيئي ڇڏيو سومر تي چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽن ميمبرن واري بئنچ مبينه جعلي اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ايڊيشنل اٽارني جنرل نئر رضوي سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو ته گڏيل جاچ ٽيم جي اڳڀرائي رپورٽ اچي چڪي آهي جيڪا اومني گروپ جي بئنڪ اڪائونٽس بابت آهي ان موقعي تي ڊي جي ايف آءِ اي ٻڌايو ته گڏيل جاچ ٽيم جي جاچ جاري آهي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جي آءِ ٽي قائم ٿئي 3 مهينا ٿي ويا اسان کي احساس آهي هي هڪ ڏکيو ڪم آهي ۽ ڪوئي شڪ نه آهي ته جي آءِ ٽي سٺو ڪم ڪري رهي آهي پر ڪيس کي اڻڄايل مدي تائين ملتوي نٿو ڪري سگهجي جنهن تي جي آءِ ٽي جي سربراهه حتمي رپورٽ ڏيڻ لاءِ هڪ مهيني جو وقت گهريو سنڌ بئنڪ جي وڪيل خواجه نويد ٻڌايو ته اومني گروپ جو 70 کان 80 سيڪڙو سرمايو بئنڪن کان قرض آهي بئنڪن کي چيو وڃي ته ملن جو ڪنترول سنڀالين چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان بئنڪن کي گهرائي وٺون ٿا هي بئنڪن جو نه پر عوام جو پئسو آهي بئنڪن جا نمائنده پيش ٿيندا ته اسان انهن کان صورتحال سمجهي وٺنداسين چيف جسٽس اومني گروپ جي وڪيل منير ڀٽي کي چيو ته اومني گروپ جي هنڊي جا پئسا به ملي ويا آهن، لانچن جي ذريعي جيڪي پئسا موڪليندا رهيا آهن اهي واپس ڪريو اسان ڪيس ختم ڪري ڇڏينداسين ان موقعي تي منير ڀٽي جواب ڏنو ته اومني گروپ جون 3 ملون ۽ ڊفينس جون ملڪيتون بئڪن کي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون ان موقعي تي اغوا ٿيل جي وڪيل سردار اسلم ٻڌايو ته ان جا ٻه شاهد گم ڪيا ويا آهن ٻئي ايف آءِ اي ۾ پيش ٿيا ان کان پوءِ گم ٿي ويا جنهن تي چيف جسٽس جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ سنڌ جي آءِ جي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته قرض لاءِ ڏنل مختلف سيڪيورٽيز هاڻي لاڳاپيل بئنڪن ۾ موجود نه آهي چيف جسٽس نمر مجيد کي گرفتار ڪري تفتيش ۾ شامل ڪرڻ جو اشارو ڏيئي ڇڏيو چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته نمر مجيد کي به پيءُ سان گڏ بند ڪريو ۽ اندر ويهي ٻئي مسئلا حل ڪن جنهن تي نمر مجيد جواب ڏنو ته مون کي سيڪيورٽي غائب ٿيڻ جو علم نه آهي مان شگر مل جا معاملا ڏسان ٿو چيف جسٽس وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته انور مجيد جي ٻئي پٽ عبدالغني مجيد کي اڍيالا جيل منتقل ڪيو فون تي سڄي سنڌ کي ڊڪٽيشن ڏيئي رهيو آهي ٻڌڻي دوران گرفتاري جو اشارو ملڻ تي نمر مجيد جي مٿي کي چڪر اچي ويا پر وڪيل کيس سنڀالي ورتو ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار نمر مجيد جي زال ۽ ماءُ کي روسٽرم تي گهرايو ۽ چيو ته اوهان کي اسان اڳ به گهرايو هو ۽ وڏي عزت ڏني هئي چيف جسٽس نمبر مجيد جي زال کي چيو ته اوهان منهنجين ڌيئرن وانگر آيو اوهان کي گذارش آهي ته سهڪار ڪريو لين دين جي معاملي ۾ گهٽ وڌائي ٿي ويندي آهي دولت رحمت هوندي آهي ان کي زحمت نه بڻايو چيف جسٽس مرڪندي ريمارڪس ڏنا ته اسان کي سڀ خبر اهي اوهان جي گهر جي سامهون جيڪو گهر اهي اسان کي ان جي به خبر آهي ان گهر جي اندر جيڪو کڏو کوٽيو ويو آهي اسان کي ان جي به خبر آهي ان کڏي مان جيڪي ڪاغذ نڪتا آهن انهن بابت به اسان کي خبر آهي اسان کي هن ڪيس بابت گهڻي خبر آهي نمر مجيد جي زال عدالت ۾ چيو ته ٻين سڀني بئنڪن مڃي ورتو آهي صرف نيشنل بئنڪ نه پئي مڃي چيف جسٽس ثاقب نثار نمر مجيد کي چيو ته اوهان کي ان ڏينهن اوهان جي زال ۽ ماءُ جي ڪري گرفتار نه ڪرايو جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته ڇنڇر تي ٻيهر اوهان کي گهرائينداسين بئنڪن سان ويهي معاملا ٺيڪ ڪريو. پر ڇنڇر تي آخري ڏينهن هوندو ان کان پوءِ موقعو نه ملندو چيف جسٽس ايندڙ پيشي انور مجيد جي ٻئي پٽ عبدالغني مجيد کي به پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟