اسلام آباد (بيورو) سينيٽ ۾ مشاهدالله خان جي تقرير تي گوڙ، حڪومت اي سي ايل قانون ۾ترميم جي مخالفت ڪري ڇڏي. خبر موجب ن ليگ جي سينيٽر مشاهدالله خان هڪ دفعو ٻيهر چوڌري فواد ۽ پي ٽي آءِ حڪومت تي يلغار شروع ڪري ڇڏي. مشاهدالله خان چيو ته فواد چوڌري ڌاڙيل، قاتل نه آهي مگر ان سمورن جو ماهوار اجلاس جهلم ۾ فواد چوڌري جي گهر تي ٿيندو آهي. سينيٽر مشاهدالله سينيٽ ۾ تقرير ڪندي چيو ته پي ٽي وي بيڪنگ لکي ڪري غلطي ڪئي. تاريخي حقيقت ڪئي آهي ان جو فيصلو تاريخ ۽ عوام ئي ڪندو. هن چيو ته پهريون ڀيرو ڪنهن هڪ بيڪاري مفت وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي ته هو ڪهڙي طرف وٺڻ وڃي رهيو آهي. هن چيو ته هن بار خدائي انصاف ڪجهه زياده ئي جلد شروع ٿي ويو ختم نبوت واري ان جا دشمن آهن جڏهن ته پهرئين اهي دوست هئا اها ڪالهه جي ئي ڳالهه آهي جڏهن ته شاھ محمود ۽ شيرين مزاري ان جي ڌرڻي ۾ ويا هئا. جڏهن ته چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي مشاهدالله کي سمجهايو ۽ ٽوڪيندي چيو ته فواد چوڌري ايوان ۾ موجود ناهي ان جي خلاف نه ڳالهايو. ليگن ن ليگ جو اڳواڻ ان جي هدايتن تي عمل نه ڪيو. ان موقعي تي شبلي فراز به مشاهدالله کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي مگر ٻيهر ساڳين ڳالهينن تي اچي ماحول کي خراب ڪيو. سينيٽر فيصل جاويد به مشاهدالله کي جواب ۾ چيو ته پهرين ڪرپشن جو دفاع ڪرڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وئي ۽ هاڻ پڪڙڻ تي شاعري ڪئي پئي وڃي. ان چيو ته اقامه مني لانڊرنگ جي استعمال لاءِ ڪئي وئي. ليڪن اپوزيشن چوندي آهي ته چورن تي چوڪيدار به هجڻ کپي حڪومتي سينيٽر چارٽر آف ڊيموڪريسي کي چارٽر آف ڪرپشن قرار ڏنو. ٻئي طرف پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ رضا رباني پاران ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ جي قانون ۾ ترميم جو بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو جنهن تي شهريارآفريدي اعتراض اٿاري ڇڏي سومر تي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ اجلاس دوران پيپلزپارٽي جي سينيٽر رضا رباني اي سي ايل ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو جنهن کي چيئرمين لاڳاپيل قائمه ڪميتي جي حوالي ڪري ڇڏيو ترميمي بل جي متن موجب وفاقي حڪومت ڪنهن فرد جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جا سبب بيان ڪندي ۽ جن ماڻهن جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ٿي رهيو آهي کين 24 ڪلاڪن اندر آگاهه ڪرڻ لازم هوندو ترميمي بل ۾ چيو ويو ته اي سي ايل ۾ شامل شامل ڪرڻ خلاف نظرثاني جي اپيل حڪومت کي موڪلي ويندي جنهن تي وفاق کي 15 ڏينهن اندر فيصلو ڏيڻو پوندو ٻي صورت ۾ لاڳاپيل شخص جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو متروڪ ٿي ويندو. شهريار آفريدي ترميمي بل تي اعتراض ڪندي چيو ته اي سي ايل ۾ شامل شامل ڪرڻ جو موجوده طريقو ٺيڪ آهي 15 ڏينهن ۾ اي سي ايل ۾ نالو شامل ڪرڻ جي حوالي سان فيصلو ڪرڻ مناسب نه آهي شهريار آفريدي چيو ته جلد بازي ۾ غلط فيصلا ٿي ويندا آهن. رضا رباني جو چوڻ آهي ته معاهدا ۽ ڳالهيون صحيح ٿيڻ کان پهرئين پارليامينٽ ۾ پيش ڪيون وڃن جڏهن ته وزير خاجه شاھ محمود قريشي جو چوڻ آهي ته دنيا پوري ۾ ڪا هڪ اهڙي پاليسي ناهي. ڪيترن ئي ملڪن ۾ ان عمل ۾ قانوني سازي جو عمل دخل ناهي هوندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي رضا رباني چيو ته ڪجهه ملڪن ۾ روايت آهي ته سمورن معاون جي توثيق پارليمينٽ ۾ هوندي آهي معاهدا ۽ ڳالهيون صحيح ٿيڻ کان پهرئين پارليامينٽ ۾ پيش ڪيون وينديون آهن معاهدا 15 ڏينهن جي اندر پارليمينٽ ۾ پيش ڪيا ويندا. پارليامينٽ سفارشن ۽ لاڳاپيل وزارت کي موڪليندي ۽ مقرر وقت جي اندر سفارشن جي منظوري متعلق پارليامينٽ کي آگاھ ڪندي..
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟