اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان جي احتساب بابت خاص معاون مرزا شهزاد اڪبر جو چوڻ آهي ته 10 ملڪن مان 700 ارب روپين جي مني لانڊرنگ جا تفصيل حاصل ڪري ورتا آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس جي دوران شهزاد اڪبر ٻڌايو ته مني لانڊرنگ جي جاچ دوران 5 هزار کان وڌيڪ جعلي اڪائونتس مليا جيڪي عام شهرين جي نالي آهن جن وسيليپاڪتان کان ٻاهر مني لانڊرنگ هڪ هزار ارب ڊالر کان مٿي ٿي وئي آهي. شهزاد اڪبر ٻڌايو ته تقريبن ڏهن ملڪن مان مني لانڊرنگ جي ڄاڻ ملي آهي جنهن موجب پاڪستان مان 5.3 ارب ڊالر ٻاهر موڪليا ويا ۽ اهي 700 ارب ٺهن ٿا جيڪو ڪل رقم جو تمام ننڍو حصو آهي. وزيراعظم جي خاص معاون چيو ته ملڪ مان لٽيل دولت کي لڪائڻ لاءِ اڳوڻن حڪمرانن اقاما ٺهرايا، اسان سمورن اقاما هولڊرز جا تفصيل دبئي انتظاميه کان وٺي رهيا آهيون ۽ جن ماڻهن دبئي ۽ يورپي بينڪن ۾ پئسو لڪائي رکيو آهي اهي لڪي نه سگهندا. وزيراعظم جي خاص معاون جو چوڻ هو ته جعلي اڪائونٽس جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ آهي ۽ عدالتي حڪم آهي ته ان معاملي جي حوالي سان ميڊيا تي نه ڳالهايو وڃي، جوابدارن جي لسٽ سامهون اچي ويندي ۽ جيستائين ريفرنس فائل ڪرڻ جو فيصلو نه ٿيندو ان وقت تائين فهرست سامهون نه ٿا آڻي سگهون. شهزاد اڪبر چيو ته اڳوڻن حڪمرانن ملڪ جي لٽيل دولت لڪائڻ لاءِ اقاما ٺهرايا، اقاما ٻن طرح جا آهن هڪ اهو جيڪو هتان کان مزدور ۽ محنت ڪش وٺندا آهن ۽ ٻيون اقاما هولڊر اهو آهي جيڪو ڪو وزير رکندو آهي جن جا تفصيل حاصل ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي. وزيراعظم جي خاص معاون جو چوڻ هو ته سڀ کان ڏکيو ڪم اقامي وسيلي اصل جوابدار جي سڃاڻپ آهي ڇو ته هو پنهنجي سڃاڻپ لڪائي وٺندا آهن، جيڪڏهن ڪنهن پنهنجي مالي ڊرائيور جي نالي تي ملڪيت ٺاهي رکي آهي جڏهن ان ماڻهو جي پويان وڃون ٿا ته خبر پوي ٿي ته اهو تمام وڏي شخصيت جو ڊرائيور آهي. شهزاد اڪبر چيو ته پاڪستان ٽئين نمبر تي آهي جنهن جي شهرين جون دبئي ۾ سڀ کان وڌيڪ ملڪيتون آهن، ماڻهو پنهنجن ڊرائيور، بورچي ۽ بين ماڻهن جي نالن سان ملڪيتون ٺاهي ويٺا آهن.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟