اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، سندس ڌيءَ مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ محمد صفدر جي سزا معطلي خلاف نيب جي اپيل ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيندي ٽنهي کي ازاد ڪرڻ جو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو آهي سومر تي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرن واري بئنچ ڄاڻايل ڪيس جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي سپريم ڪورٽ گذريل ٻڌڻي تي ڌرين کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ چيو هو جنهن تي نيب ۽ خواجه حارث پاران جواب جمع ڪرايو ويو چيف جسٽس خواجه حارث کي چيو ته اوهان جو جواب گهڻو تفصيلي آهي مختصرڪريو پوءِ ڏسنداسين هن معاملي تي لارجر بئنچ قائم ڪجي يا نه هي اصول ڏسڻو آهي ته اپيلن جي ٻڌني کان اڳ سزا معطلي سان ڪيس جو ميرٽ متاثر ته ناهي ٿي چيف جسٽس خواجه حارث کي چيو ته اوهان جي ضمانت وارو فيصلو قائم رکون ٿا خواجه حارث اسفنديارولي ڪيس جو حوالو ڏنو جنهن تي چيف جسٽس چيو ته سزا معطلي جو معاملو ڏسڻو آهي ميرٽ آف دي ڪيس ته متاثر ناهي ٿيو خواجه حارث دليل ڏيندي چيو ته موت جي سزا جي ڪيسن ۾ به سزا معطل ٿي سگهي ٿي سزا معطلي تي سپريم ڪورٽ جا ڪيترائي فيصلا موجود آهن ذريعن موجب ٻڌڻي دوران چيف جسٽس خواجه حارث سان دلچسپ جملو ڳالهايو منهنجي ڊاڪٽر مون کي ٻڌايو ته خواجه حارث جڏهن اوهان جي آڏو پيش ٿئي ٿو ته اوهان جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وڃي ٿي چيف جسٽس جي ريمارڪس تي عدالت جي ڪمري ۾ ٽهڪ ٻڌڻ ۾ آيا. چيف جسٽس نيب پراسيڪيوٽر کي چيو ته پنهنجا نقطا لکي ڏيو اوهان کي گذريل ٻڌني تي به چيو هو پنهنجا پوائنٽس لکت ۾ ڏيو چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته منهنجي ذهن ۾ 3 بنيادي سوال آهن دهشتگردي جو ڪيس ڪرمنل ڪيس هوندو آهي موجوده ڪيس نيب قانون جو هو، اصل سوال ضمانت نه سزا معطلي جو آهي ڇا سزا معطلي ۾ ثبوتن جو جائزو وٺي سگهجي ٿو ڏسنداسين ته ڇا هاءِ ڪورٽ ثبوتن جو تفصيلي جائزو ورتو آهي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ کي اعتماد ڪرڻو پوندو اسان کي بداعتمادي جي بيماري کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو پوندو جيڪڏهن فوجداري ڪيسن جي ماهر ججز کي شامل ڪريون ته اوهان کي اعتراض نه ٿيڻ گهرجي آصف سعيد کوسه جو فوجداري ڪيسن جو وڏو تجربو آهي جنهن تي خواجه حارث چيو ته هو صرف جسٽس آصف سعيد جي فيصلي جو حوالو ڏيئي رهيو آهي جنهن کان پوءِ عدالت نيب ۽ خواجه حارث جي جواب کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو ۽ نيب جي اپيل ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيئي ڇڏي. چيف جسٽس چيو ته نيب جي درخواست منظور ڪري رهيا آهيون مناسب سمجهو ته لارجر بئنچ قائم ڪنداسين جنهن ۾ فوجداري قانون جي وڏن جج صاحبن کي شامل ٿيڻ گهرجي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 12 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟