مني لانڊرنگ ڪيس ۾ بابر غوري، ارشد ووهرا ۽ ٻين ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي گرفتاري جو حڪم

0Shares

ڪراچي  (چيف رپورٽر) دهشتگرديءَ جي خاتمي واري عدالت ايف آءِ اي کي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ بابر غوري، احمد علي، سهيل منصور ۽ ارشد ووهرا کي گرفتار ڪري پهرين ڊسمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.  ڪراچي جي دهشتگردي جي عدالت ۾ ايم ڪيو ايم جي باني خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ ايف آءِ اي جو جاچ آفيسر غلام مرتضيٰ راهو عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته بابر غوري جي گرفتاري لاءِ توهان ڪهڙي ڪوشش ڪئي، جاچ آفيسر ٻڌايو ته بابر غوري پهريون دبئي ۽ هاڻي آمريڪا هليو ويو آهي، کيس انٽر پول جي مدد سان گرفتار ڪيو ويندو. عدالت سهيل منصور ۽ ارشد ووهرا جي گرفتاري بابت پڇا ڪئي جنهن تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ جوابدار گرفتاري جي خوف کان روپوش ٿي ويا آهن. جاچ آفيسر جوابدارن جي گرفتاري لاءِ عدالت کان ايندڙ ٻڌڻي تائين مهلت طلب ڪئي جنهن تي عدالت چئني مفرور جوابدارن بابر غوري، سهيل منصور، احمد علي ۽ ارشد ووهرا جا هڪ دفعو ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا. عدالت جوابدارن کي گرفتار ڪري پهرين ڊسمبر تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں