مني لانڊرنگ ڪيس: جي آءِ ٽي سنڌ حڪومت کان مختلف کاتن جي ترقياتي منصوبن جا تفصيل طلب ڪري ورتا

0Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي قائم ڪيل گڏيل جاچ ٽيم سنڌ حڪومت کان مختلف کاتن جي سالياني ترقياتي منصوبن جا تفصيل طلب ڪري ورتا. ذريعن موجب جي آءِ ٽي طرفان سنڌ حڪومت کان سال 2013ع کان 2018ع تائين مختلف ترقياتي اسڪيمن جي پروجيڪٽ چارٽر، مقرر بجيٽ، جاري ڪيل رقم، ريوائز اسڪيم جي ڄاڻ ۽ خرچن جا تفصيل طلب ڪيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي چيف سيڪريٽري سنڌ کان اڄ 12 نومبر تائين تفصيل فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. ذريعن جو وڌيڪ ٻڌائڻ آهي ته جي آءِ ٽي جي درخواست کانپوءِ چيف سيڪريٽري سنڌ منصوبابندي کاتي، ناڻي، توانائي، آبپاشي، ورڪس، صحت، تعليم، زراعت ۽ ٻين کي سومر تائين فراهم ڪيل پروفارما تي تفصيل فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ان کان اڳ جي آءِ ٽي سنڌ حڪومت کي لکيل خط ۾ صوبائي حڪومت جي استعمال هيٺ سمورن بينڪ اڪائونٽس جا 10 سالا تفصيل طلب ڪيا هئا. جي آءِ ٽي طرفان 10 سالن ۾ آبپاشي کاتي ۽ ڪميونيڪيشن ورڪس جي ٺيڪن جا تفصيل به گهريا ويا هئا ۽ چيو ويو هو ته 10 سالن ۾ ٻنهي کاتن ۾ ڪيتري ماليت جا ۽ ڪيترا ٺيڪا ڏنا ويا، ان حوالي سان به تفصيل فراهم ڪيا وڃن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں