خواجه ڀائرن جو نيب چيئرمين کي خط ڊائريڪٽر جنرل شهزاد سليم تي بي اعتمادي ظاهر

0Shares

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي ريلوي جي وفاقي وزير (ن) ليگ جي اڳواڻ خواجه سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ سلمان رفيق  چيئرمين نيب جسٽس(ر) جاويد اقبال کي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن چيو ته ڊي جي نيب لاهور منهنجي لاءِ پارٽي بڻجي چڪو آهي. پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيئرمين نيب جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال کي خط لکيو جنهن ۾ هن چيو آهي ته ڊي جي نيب لاهور منهنجي خلاف پارٽي بڻجي چڪو آهي، منهنجي خلاف جاچ نيب لاهور جي جاءِ تي ٻئي ريجن کان ڪرائي وڃي. خواجه سعد رفيق خط ۾ وڌيڪ لکيو ته ڊي جي نيب لاهور شهزاد سليم ميڊيا تي منهنجي خلاف تحقيق جو ذڪر ڪيو ۽ ٽاڪ شوز ۾ مونکي ڏوهاري ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تنهن ڪري مونکي ائين نٿو لڳي ته اهڙي ماحول ۾ نيب لاهور شفاف تحقيق ڪندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں