نوشهروفيروز(رپورٽ: علي محمد چنه) ثقافت کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر شير محمد مهر هن وقت تائين ڪو ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو ته کيس آسمانجهٽي ويو جا زمين ڳهي وئي جڏهن ته نوشهروفيروز ضلعي ۽ شهيد بينظير آباد پوليس هن وقت تائين حد بندين جو تڪرار ڄاڻائي ڪيس وغيره به داخل ناهي ڪيو ۽ نه ئي وري پوليس اهو پتو لڳائي سگهي آهي ته آخر ثقافت کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر شير محمد مهر جنهن کي ثقافت کاتي سنڌ پاران ٽن ضلعن حيدرآباد، مٽياري ۽ شهيد بينظيرآباد جي چارج مليل آهي اهو آخر ويو ڪاڏي؟ شير محمد مهر نوشهروفيروز ضلعي جي ڳوٺ سومر چنڙ جي رهواسي پنهنجي دوست سرور چنڙ کي پنهنجي ڳوٺ 10 نومبر تي 12 وڳي ڌاري لاهي واپس قاضي احمد ڀرسان پنهنجي ڳوٺ وڃڻ جي لاءِ نڪتو هو ته ان کان پوءِ غائب آهي سندس پٽ ثناءَ الله مهر جو چوڻ آهي ته ڪالهه کان وٺي سندس پيءُ شير محمد مهر جا موبائل فون پڻ بند آهن جنهن جي ڪري سمورا گهرجا ڀاتي ۽ مٽ مائٽ سخت پريشان آهيون ۽ اسان ايس ايس پي نوشهروفيروز سان ملاقات ڪري کيس سموري صورت حال کان آگاهه ڪيو آهي پر اڃا تائين پوليس سندس والد جو ڪوبه سراغ لڳائي ناهي سگهي. ٻئي پاسي ايس ايس پي نوشهروفيروز طارق ولايت ڊپٽي ڊائريڪٽر جي وارثن ۽ ثقافت کاتي جي عملدارن جي وفد سان ملاقات ڪئي ۽ کين ٻڌايو ته مورو ٽول پلازا تي لڳل سي سي ٽي وي فٽيج مان پتو پيو آهي ته ڊپٽي ڊائريڪٽر شير محمد مهر جي گاڏي ڪراس ڪيو آهي ۽ فيٽيج ۾ شير محمد پاڻ اڪيلو ويٺل نظر اچي ٿو جنهن مان اها خبر پئي ٿي ته واقعو نوشهروفيروز ضلع ۾ ناهي ٿيو ان باوجود به نوشهروفيروز پوليس ڪوششون وٺي رهي آهي جڏهن ته هن پاڻ آمري پل ۽ نيون سعيد آباد ٽول پلازا تائين فٽيج چيڪ ڪرايا آهن جنهن ۾ پتو پيو آهي ته شير محمد مهر نيو سعيد آباد ٽول ڪراس ناهي ڪيو. ان هوندي به نوابشاهه پوليس جي گڏيل سهڪار سان جاچ ڪنداسين. هوڏانهن شهيد بينظير آباد پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو سندن حد ۾ ناهي ٿيو ان باوجود به سي آءِ اي انچارج نوابشاهه جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس ٽيم جوڙي وئي آهي جيڪا واقعي جي گهڻ رخي جاچ ڪري رهي آهي ۽ واقعي بابت نوشهروفيروز پوليس سان سهڪار ڪيو ويندو جڏهن ته ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کي جاچ ڪري رپورٽ ڏئڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟