ڪراچي جي پوش علائقي زم زمه جي هوٽل ۾ کاڌو کائيندڙ 2 ٻارڙا فوت، والده بيهوش، 4 ملازم گرفتار

0Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪلفٽن جي علائقي زم زما جي ريسٽورنٽ تي کاڌو کائيندڙ ٻه ٻار فوت ٿي ويا، جڏهن ته سندن ماءُ جي حالت خراب آهي. آءِ جي ڪليم امام واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ڏکڻ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. ايس ايس پي ڏکڻ پير محمد شاهه ٻارن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته گذريل رات متاثر خاندان جي ٻارن اڳ ۾ هڪ پلي لينڊ چنڪي منڪي تان ٽافيون، آئس ڪريم ۽ چپس کاڌا، جنهن کانپوءِ انهن ڪلفٽن جي علائقي زم زما ايري زوناگرس ريسٽورنٽ تي ماني کاڌي هئي. سندس چوڻ هو ته متاثر خاندان تقريبن رات 11هين وڳي ماني کاڌي ۽ صبح 5 کان 6 جي وچ ۾ ٻن ٻارن ۽ سندن ماءُ جي طبعيت خراب ٿي، کين الٽيون ٿيون ۽ ٽنهي کي ٻيپهري مهل هڪ خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پير محمد شاهه چيو ته اسپتال انتظاميا موجب ٽنهي کي اسپتال آندو ويو ته انهن جي حالت خراب هئي، ٻئي ٻار علاج دوران فوت ٿي ويا، جڏهن ته سندن امڙ جي طبعيت ناساز آهي. جيڪا سائوٿ سٽي اسپتال ۾ داخل آهي. فوت ٿيل ٻارن ۾ 5 سالن جو محمد ۽ ڏيڍ سال جو احمد شامل آهي. ايس ايس پي ٻڌايو ته ريسٽورنٽ ۽ پلي لينڊ کي سيل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فوڊ اٿارٽي کي به جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي، اڃا تائين خراب کاڌي جي ٻي ڪا دانهن ناهي ملي پر اسان ان ڳالهه جو به جائزو وٺنداسين ته ان وقت ٻيا ڪيترا ماڻهو ريسٽورنٽ ۾ موجود هئا، جن ماني کاڌي ۽ سندن طبعيت ڪيئن آهي. ايس ايس پي پير محمد شاهه موجب هوٽل جي 4 ملازمن سميت 20 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ايڊيشنل آءِ جي امير شيخ ٻڌايو ته واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي آهي طارق ڌاريجو پير محمد شاهه جاچ ڪميٽي ۾ شامل آهن هوٽل مالڪ ۽ ملازمنکان عورت طرفانگهرايل کاڌن جي لسٽ طلب ڪئي وئي ابتدائي جاچ موجب ماءُ ۽ ٻارڙن هوٽل تي کاڌو هو جاچ ڪري رهيا آهيون، نمونا به ورتا ويا آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں