اسلام آباد (بيورو) اپوزيشن ڊي جي نيب لاهور سليم شهزاد جي مختلف ٽي وي چينلز تي انٽرويو تي اعتراض ڪندي قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ/ استحقاق جمع ڪرائي ڇڏي. گذريل ڏينهن ڊي جي نيب لاهور سليم شهزاد نجي پروگرام ۾ خاص انٽرويو ڏنو هو جنهن ۾ هن شريف خاندان جي ماڻهن خلاف ڪيسن تي ڳالهايو هو. اپوزيشن طرفان ڊي جي نيب جي انٽرويو تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايل تحريڪ استحقاق جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ڊي جي نيب چيئرمين نيب جي منشا سان ٽي وي چينلز کي انٽرويو ڏنو هن اپوزيشن ميمبرن جو ميڊيا ٽرائل ڪيو. تحريڪ ۾ چيو ويو آهي ته ڊي جي نيب ڳجهي جاچ ۽ دستاويز ميڊيا تي ڏيکاريا، هن اسيمبلي ميمبرن جي ساک خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اپوزيشن طرفان ان معاملي تي تحريڪ استحقاق جي ڪارروائي عمل ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ان معاملي تي ايوان ۾ حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن وچ ۾ بحث به ٿيو. اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب چيئرمين جي هدايت تي هڪ نيب آفيسر ميمبرن جو ٽرائل ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن ايوان جي وقار جو تحفط نه ٿا ڪري سگهو ته ٻڌائي ڇڏيو، جيڪي ڳالهيون نيب آفيسر ڪري رهيو آهي اهي ئي وزير به ڪن ٿا، نيب آفيسر جي خلاف تحريڪ استحقاق ورتي وڃي. شاهد خاقان عباسي جي مطالبي تي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر چيو ته رولز موجب تحريڪ استحقاق جي فائل ايندي ته ان تي قانوني راءِ وٺندس. فواد چوڌري چيو ته جاچ هيٺ ڪيس تي تحريڪ استحقاق آڻڻ مناسب ناهي، تحريڪ استحقاق جو هٿيار استعمال ڪري ڪيس تي اثر انداز ٿيڻ درست ناهي اهڙي ڪيس تي تحريڪ آڻڻ قانون جي خلاف هوندو. جڏهن ته مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا تنوير جو چوڻ هو ته نيب آفيسر ميڊيا ٽرائل ڪيو اها حڪومت ۽ نيب جي ڳٺجوڙ آهي. ٻئي طرف قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته پانامه ليڪس ۾ 444 ڪيسن مان هن وقت تائين 294 ڪيسن ۾ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن 15 ڪيسن تي آڊٽ جي ڪارروائي مڪمل ڪري 10 ارب 90 ڪروڙ رپين جي ڊمانڊ ٻڌائي ويئي آهي، 6 ارب 20 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا ويا سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ وزيراعظم پاڪستان جي ديامير ڀاشا ڊيم جي اڏاوت لاءِ قائم فنڊ ۾ هن وقت تائين 80 ڪروڙ 40 لک رپيا گڏ ٿي چڪا آهن تفصيل ملڻ تي ايوان کي آگاهه ڪيو ويندو جڏهن ته قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر ايوان جي ڪارروائي سوالن جا جواب نه اچڻ ۽ ميمبرن جي احتجاج تي گهڙي پل لاءِ ملتوي ڪندي قومي اسيمبلي کي جواب نه موڪليندڙ وزارتن جي سيڪريٽريز کي جواب ڏيڻ لاءِ طلب ڪري ورتو آهي جمعي تي قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران ناڻي وزارت پاران لکت سوال جي جواب ۾ قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو ته ايف بي آر جي رڪرڊ موجب 444 پاڪستانين جي پانامه ليڪس ۾ نشاندهي ڪئي ويئي آهي ايف
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟