اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي خلاف فليگ شپ انويسٽمينت ريفرنس ۾ نيب کي نوان دستاويز پيش ڪرڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي. جمعي تي احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ نيپ پاران نوان دستاويز پيش ڪرڻ بابت درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي نوازشريف جي وڪيل خواجه حارث جو اعتراض رد ڪندي نيب جي درخواست منظور ڪري ورتي فاضل جج نيب کي نوان دستاويز پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني ان موقعي تي نوازشريف جي وڪيل ۽ نيب جي پراسيڪيوٽر وچ ۾ منهن ماري ٿي ۽ جهيڙو به ٿيو نوازشريف جي وڪيل چيو ته ميڊيا جي ذريعي خبر پئي ته سندس مئوڪل کان پڇا ڪيو ويندڙ سوالنامو نيب وٽ موجود آهي اهو ثابت ڪريو ته جيڪڏهن خبر غلط آهي ته مان لفظ واپس وٺندس هي اهو پراسيڪيوٽر اهي جيڪو ميڊيا تي ڳالهائي ٿو گاريون ڏي ٿو ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي چيو ته وڊيو مان ثابت ڪريو ته مان ڪهڙي گار ڏني آهي خواجه حارث چيوت ه واجد ضياء اڌ اڌ ڪلاڪ رڪارڊ ڏسي جواب لکرائيندو رهيو اسان اعتراض نه ڪيو اسان جي واري تي نيب کي پيٽ ۾ وڪڙ پئجي وڃن ٿا جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اوهان ذاتي حملا ڪري رهيا آهيون اسان قانون تي عمل ڪنداسين فاصل جج مداخلت ڪندي چيو ته هي ويڙهه واري ڳالهه نه آهي هاڻي ختم ڪريو خواجه حارث چيو ته مستند ذريعن موجب سوالنامو پراسيڪشن کي ڏنو ويو آهي نيب ڪيسز ۾ پريڪٽس رهي آهي ته جوابدار کي سوالنامو ڏنو وڃي ٿو اڳواٽ سوالنامي ۾ سوال کان علاوه به عدالت جيڪو پڇڻ چاهي پڇي سگهي ٿي جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته 342 جي بيان جو مقصد هوندو آهي عدالت جوابدار جي بيان مان نتيجو ڪڍندي آهي جيڪڏهن پهريون سوالنامو ڏنو وڃي ته 342 جي بيان جو مقصد ختم ٿي وڃي ٿو اهڙي طرح اسان پنهنجن شاهدن کي به تياري ڪري آڻيون ها نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدار کي اڳواٽ سوالنامو ڏيڻ تي اسان جا سنيجده اعتراض آهن جنهن تي خواجه حارث چيو ته پو3 اسان جو به سنجيده اعتراص آهي جج ارشد ملڪ ان موقعي تي چيو ته اڄ هي معاملو حل ڪري وٺون ٿا ڊگهو ٿيندو پيو وڃي جاچ آفيسر جو بيان مڪمل ٿيڻ کان پوءِ پراسيڪيوشن ثبوت مڪمل ڪرڻ ۾ 20 ڏينهن لڳايا خواجه حارث موجب جي آءِ ٽي جا 10 واليم آهي مٿان اٺ واليم عبوري ۽ ضمني ريفرنسز جا به آهن ان کان اڳ دليلن دوران خواجه حارث نيب جي درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته يو ڪي سينٽرل اٿارٽي سان لک پڙهه نيب جي ظاهر شاهه ڪئي هئي ۽ هو عدالت ۾ شاهد طور پيش ٿي چڪو آهي خواجه حارث سوال ڪيو ته ظاهر شاهه جي شاهدي سان گڏ ئي دستاويز ڇو نه پيش ڪيا ويا ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب سردار مظفر عباسي جواب ڏيندي چيو ته اسان ضمني ريفرنس ۾ لکيو آهي ته خطن جو جواب اچڻ تي دستاويز ڏينداسين جنهن تي خواجه حارث چيو ته جيڪڏهن اوهان دستاويز پيش ڪريو ٿا ته ان سان گڏ لاڳاپيل شاهد کي به پيش ڪريو عدالت ريمارڪس ڏنا ته انهن دستاويزن سان فليگ شپ جي تفتيشي جو ڪهڙو تعلق آهي اهو نيب ناهي ٻڌايو دستاويزن سان گڏ جاچ آفيسر جو تعلق عدالت خود فرض نٿي ڪري سگهي فاضل جج پڇاڻوڪيو ته 8 مهينا دير سان ڇو دستاويز پيش ڪيا پيا وڃن.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟