اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ اين آر او ڪيس ۾ پرويز مشرف، آصف زرداري ۽ ملڪ قيوم جي اثاثن جا تفصيل ڳجها رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ اين آر او ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي جسٽس اعجاز الاحسن سوال ڪيو ته اسان کي مطئمئن ڪريو ته درخواست ٻڌڻي جوڳي آهي، جنهن تي درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سوئس اڪائونٽ ۾ پيل رقم پاڪستان جي هئي، آصف علي زرداري پاڪستان جو پئسو سوئس بينڪن ۾ رکيو، سوئس اڪائونٽ ۾ موجود 60 ملين ڊالر پاڪستان جي عوام کي ملڻ گهرجن. جسٽس اعجاز الاحسن سوال ڪيو ته سوئس بينڪن ۾ پيل پئسو پاڪستان جو آهي ان جون ڪهڙيون شاهديون آهن، سوئس بينڪن جي اڪائونٽس جي سڃاڻپ ڪئي آهي، آصف زرداري جي وڪيل چيو ته هو سمورن ڪيسن مان آزاد ٿي چڪو آهي، اهو ته واضح آهي ته سوئس اڪائونٽس ۾ 60 ملين ڊالر هئا پر ڏسڻو آهي ته 60 ملين ڊالر ڪنهن جا هئا، ڪيڏانهن ويا ۽ بينيفشري ڪير هو. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اين آر او جو معاملو ماضي جو حصو بڻجي چڪو، آئيني درخواست ۾ ٻيهر ٽرائل ڪرڻ مناسب ناهي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ نيب ۽ وفاقي حڪومت جي جواب تي اطمينان جي کوٽ جو اظهار ڪندي جواب رد ڪري ڇڏيو، عدالت اٽارني جنرل ۽ نيب کي سوئس ڪيسن ۽ اين آر او جو جائزو وٺي جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جواب ۽ دستاويز اچڻ کانپوءِ درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ جو فيصلو ڏينداسين. عدالت پرويز مشرف، آصف زرداري ۽ ملڪ قيوم جي اثاثن جا تفصيل ڳجها رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ درخواست بڌڻي جوڳي هجڻ جي فيصلي تائين تفصيل ڳجها رکيا ويندا.بي آر سپريم ڪورٽ ۾ پانامه ليڪس جي حوالي سان ڪائي پٽيشن داخل ناهي ڪئي ۽ اها ڳالهه درست نه آهي ته پانامه ليڪس ۾ ڪائي ڪارروائي ناهي ڪئي ويئي فيلڊ آفيسر انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001 جي لاڳاپيل قلمن تحت 294 ڪيسن ۾ نوٽيس جاري ڪيا جڏهن ته ٻين 150 ڪيسن ۾ نوٽيس جاري نه ڪيا ويا جنهن جو سبب اهو آهي ته اڻپورن ڪيسن جي ڪري انهن ڪيسن جو پتو نه لڳي سگهيو جن 294 ڪيسن ۾ ڪارروائي شروع ڪئي ويئي انهن مان نه رهندڙ پاڪستاني هجڻ جي بنياد تي چئن ڪيسن تي ڪارروائي روڪي ويئي 12 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن 15 ڪيسن ۾ آڊٽ جي ڪارروائي مڪمل ڪئي ويئي آهي انهن 15 ڪيسن ۾ 10 ارب 90 ڪروڙ رپين جي ڊمانڊ ٻڌائي ويئي آهي جنهن ۾ 6 ارب 20 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا ويا قومي اسيمبلي کي ناڻي وزارت پاران ٻڌايو ويو ته سپريم ڪورٽ ۽ وزيراعظم جي ديامير ڀاشا ڊيم جي اڏاوت لاءِ قائم فنڊ ۾ هن وقت تائين 80 ڪروڙ 40 لک رپيا گڏ ٿي چڪا آهن جنهن جو تفصيل ملڻ تي ايوان کي آگاهه ڪيو ويندو مملڪتي وزير حماد اظهر قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ ۽ وزيراعظم ديامير ڀاشا ڊيم تحت هن وقت تائين 804 ملين رپيا گڏ ڪيا ويا آهن هن چيو ته اسان کي وقت ڏنو وڃي ته اسان تفصيل ايوان ۾ پيش ڪنداسين ته هي رقم ڪٿان ڪٿان آئي آهي سوالن جي وقفي دوران رٿابندي ڊويزن، ترقي ۽ سڌارا، گهرو وزارت ۽ ٻين وزارتن جا جواب موصول نه هجڻ جو ٻڌايو ويو ته ميمبرن ان تي احتجاج شروع ڪري ڇ ڏيو اسد قيصر پارليماني سيڪريٽري ڪنول شوزب جي ان موقف سان اتفاق نه ڪيو ته ان سان لاڳاپيل سوال اڪنامڪ افيئر ڊويزن ڏانهن موڪليو ويو آهي اسپيڪر چيو ته اهو طريقو ناهي هوندو پهريان اوهان طريقو سکو ان دوران ڪيترن ئي ميمبرن ايوان ۾ اٿي بيهي گڏ ڳالهائڻ شروع ڪيو اسپيڪر ان تي ڪاوڙ ڪندي چيو ته هو اهڙي طرح ايوان جي ڪارروائي نٿو هلائي سگهجي جتي هن قومي اسيمبلي جي ڪارروائي 10 منٽن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي سوالن جي وقفي دوران جڏهن ڪيترن ئي وزارتن جا جواب موصول نه ٿيڻ جو ايوان کي ٻڌايو ويو ته ان تي اسپيڪر سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي عامر ڊوگر کي هدايت ڪئي ته جن جن وزارتن پاران سوالن جا جواب نه مليا انهن وزارتن جي سمورن سيڪريٽريز کي منهنجي چيمبر ۾ طلب ڪيو وڃي سوالن جي وقفي دوران محسن شاهه نواز رانجها ٻڌايو ته ڪابه عورت هجي يا مون سميت ڪو مرد جنهن جو نالو به آيو ته ڪارروائي ٿيندي قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران اڳوڻن وزيراعظمن جي ڪئمپ افيسن تي ٿيندڙ خرچن جو تفصيل ڪابينه ڊويزن پيش ڪري ڇڏيو جنهن مطابق نوازشريف ۽ شاهد خاقان عباسي جي ڪئمپ آفيسز ۾ هڪ ارب 43 ڪروڙ رپين جا خرچ ٿيا لکت جواب ۾ ٻڌايو ويو ته شاهد خاقان عباسي جي وزيراعظم بڻجڻ کان پوءِ به جاتي امره ڪئمپ آفيس قائم رهي شاهد خاقان عباسي جي اسلام آباد ڪئمپ آفيس تي صرف ٻن سالن ۾ 51 لک رپيا خرچ ٿيا ڪابينه ڊويزن ٻڌايو ته نوازشريف جي جاتي امره ڪئمپ آيفس ۾ 2013 کان 2018 تائين 92 لک کان وڌيڪ خرچ ٿيو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟