مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻن ارشد وهرا، بابر غوري، خواجا سهيل جا وارنٽ جاري

0Shares

اسلام آباد (بيورو) ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي موجوده ۽ اڳوڻن چئن اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. ايف آءِ اي اينٽي مني لانڊرنگ جي حوالي سان داخل ڪيل ڪيس جي جاچ ڪري رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ آڏي پڇا لاءِ  ايم ڪيو ايم جي موجوده ۽ اڳوڻن چئن اڳواڻن کي بار بار طلبي جا نوٽيس جاري ڪرڻ باوجود پيش نه ٿيا آهن. ذريعن موجب ايف آءِ اي چئني ماڻهن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ حاصل ڪيا آهن، اڳوڻو وفاقي وزير بابر غوري، احمد علي، خواجه سهيل منصور ۽ ڊپٽي ميئر ڪراچي ارشد وهره شامل آهن. ذريعن موجب چئني ماڻهن کي 12 نومبر تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں