نيب چيئرمين ڊي جي لاهور جي انٽرويوز جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو

0Shares

لاهور(بيورو) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال ڊي جي نيب لاهور جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه جو ريڪارڊ طلب ڪري ورتو. ڊي جي نيب لاهور شهزاد سليم گذريل ڏينهن خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ انٽرويو ڏنو هو جهن ۾ هن شريف خاندان جي خلاف نيب ڪيسن تي ڳالهيون ڪيون/. ڊي جي نيب جي انٽرويو تي مسلم ليگ ن  سخت احتجاج ڪيو آهي ۽ مخالف ڌر تحريڪ استحقاق قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. نيب ترجمان موجب چيئرمين قومي احتساب بيورو جسٽس (ر) جاويد اقبال سمورين نشرياتي ادارن کان ڊي جي نيب لاهور جي ڳالهه ٻولهه جو ريڪارڊ طلب ڪري ورتو. ترجمان ٻڌايو ته ڊي جي نيب جي ڳالهه ٻولهه جو ريڪارڊ ان ڪري طلب ڪيو ويو آهي ته ڊي جي نيب حقيقتن جي ابتڙ ڪهڙي ڳالهه ڪئي؟ ۽ قانون جي روشني ۾ ڪارروائي ڪري سگهجي. نيب ترجمان چيو ته نيب سمورين معزز اسيمبلي ميمبرن جو احترام ڪندو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں