امن، استحڪام، خوشحالي ۽ قانون جي بالادستي کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي: قومي سلامتي ڪميٽي

0Shares

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ ۾ امن امان ۽ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال سميت ڪيترن ئي معاملن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات، ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن، ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي ايم او، وفاقي وزيرن، ڪائونسل ميمبرن ۽ پرڏيهي سيڪريٽري سميت ٻين سينيئر اختيارين شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ ملڪ ۾ امن امان ۽ خطي ۾ سيڪيورٽي صورتحال سميت سي پيڪ منصوبن جي سيڪيورٽي جي معاملن تي به غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ پاڪ افغان سرحدي صورتحال ۽ افغان مصالحتي عمل بابت معاملن تي به غور ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم اجلاس جي شريڪن کي چين دوري بابت آگاهه ڪندي چيني صدر ۽ روسي وزيراعظم سان ملاقاتن تي به اعتماد ۾ ورتو. ذريعن موجب اجلاس ۾ دهشتگردي جي خلاف آپريشن ردالفساد بابت سينيئر اختيارين کي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ هاڻوڪي پرتشدد احتجاج ۽ ان جي نتيجي ۾ پيد اٿيندڙ حالتن تي به غور ڪيو ۽ فيصلو ڪيو يوو ته ملڪ جي سلامتي، خوشحالي، ترقي، امن، استحڪام ۽ قانون جي بالادستي ۾ آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں