شريف خاندان جي سزا بحال ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي، نيب ڪيس ۾ عام طور ضمانت نه ٿيندي آهي: سپريم ڪورٽ

0Shares

اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته  ظاهري طور ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزائن بابت هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪرڻ کانسواءِ ڪو به رستو ناهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءِ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ ناٺي ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر جي سزا معطل خلاف نيب جي اپيل جي ٻڌڻي ڪئي. نيب پراسيڪيوٽرموقف اختيار ڪيو ته هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل آئيني درخواستن تي اعتراض ڪيو هو ته آئيني درخواستن تي ٻڌڻي هيٺ ڪيس جي ميرٽ تي بحث نه ٿو ٿي سگهي، جوابدار جي زندگي خطري هجي ته سزا معطل ٿي سگهي ٿي. چيف جسٽس نيب پراسيڪيوٽر سان ڳالهائيندي چيو ته توهان پنهنجا لکت نقطا پهريون ئي ڏئي چڪا آهيو، توهان جي نقطن کي نظر ۾ رکندي ئي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيو، نيب ڪيسن ۾ عام طور ضمانت نه ٿيندي آهي، سزا معطل ڪرڻ ۾ شاهدين کي نه ڏٺو ويندو آهي،  ڪورٽ ميرٽ ۽ شاهدين تي فيصلو ڏنو آهي، پهريون به ڪڏهن اهڙو فيصلو نه ڏٺو آهي، بهتر هوندو ته خواجه حارث جو موقف پهريون ٻڌون. خواجه حارث پنهنجي دليلن ۾ موقف اختيار ڪيو ته سندس اصيل تي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو الزام هنيو ويو، چيو ويو ته ايون فيلڊ فليٽس نواز شريف جا آهن، ڪيس جا فيصلا اصول تي ٻڌل آهن، اهو اهو آهي ته جتي ضرورت هجي ضمانت ڏئي سگهجي ٿي. چيف جسٽس خواجه حارث سان ڳالهائيندي چيو ته هي ڪنهن هڪ شخص جو ڪيس ناهي، اصل معاملو عدالتي فيصلي سان واضح اصول سان آهي،  فيصلو بظاهر ماضي جي فيصلن سان مطابقت نه ٿو رکي، ظاهري طور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪرڻ کانسواءِ ڪو به رستو ناهي، ماضي ۾ ڪنهن ڪنهن عدالت اهڙو فيصلو ڪيو، ڇا سزا معطل ۾ هاڻي فيصلو ٿي سگهي ٿو؟  جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته هاءِ ڪورٽ جو پهريون حڪم نامو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ٿيو هو، اپيل ٻڌي وڃي ها ته ڪجهه ڏينهن ۾ فيصلو ٿي پئي سگهيو پر سپريم ڪورٽ هاءِڪورٽ جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪئي، هاءِ ڪورٽ فيصلي ۾ سخت ترين لفظ استعمال ڪيا، عدالتي مثالن کي نظر ۾ نه رکيو ويو، پنهنجي فيصلي ۾ افواهن ۽ شاهدن جو ذڪر ڪيو ويو،  سزا معطلي جو فيصلو ايئن ٿي سگهي ٿو، هاءِ ڪورٽ کي پهرين اپيل تي فيصلو ڪرڻ گهرجي ها،  جائزه وٺنداسين ته هاءِ ڪورٽ ڪيتري حد تائين وڃي سگهي ٿي؟ ماضي ۾ ڪنهن عدالت اهڙي قسم جو فيصلو ڪيو، احتساب عدالت جي فيصلي جو ڪو هڪ نقص ڏيکاريو، ڪنهن قسم جو نقص سزا معطلي جو سبب ٿي سگهي ٿو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته پاناما ڪيس احتساب عدالت ۾ وڃڻ ئي نه گهرجي ها، عدالت کي پاڻ به فيصلو ڪرڻ جو اختيار هو پر سپريم ڪورٽ معاملو ٽرائل ڪورٽ موڪلي وڏي مهرباني ڪئي، نواز شريف جي خاندان ڪيس ۾ چار مختلف موقف اختيار ڪيا.  خواجه حارث جي دليلن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته الزام هو ته آمدني کان وڌيڪ اثاثا هئا، لنڊن جا اثاثا ڪنهن جي آهن، لنڊن فليٽ وڻ تي ته نه ڦٽا هئا، جيڪڏهن پراپرٽي قبول ڪئي وڃي ته ٻڌائڻو پوندو ته پراپرٽي ڪيئن خريد ڪئي وئي، اهو ثابت ڪيو ته جڏهن فليٽ خريد ڪيا، وسيلا ڪهڙا هئا. ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 12 نومبر تي ٿيندي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں