نواز شريف پنهنجي پٽ حس نواز جي ڪمپني ڪيپٽيل ايف زيد اي ۾ چيئرمين بورڊ رهيو: جاچ آفيسر

0Shares

اسلام آباد  (بيورو) احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيرااعظم نواز شريف خلاف فيلگ شپ انويسٽمنٽ ريفرنس جي ٻڌڻي آخري مرحلن ۾ آهي، ڪيس جي ٻڌڻي احتساب عدالت جو جج محمد ارشد ڪئي. نواز شريف صبح احتساب عدالت پهتو جڏهن ته قومي احتساب بيورو( نيب ) جي جاچ آفيسر محمد ڪامران عدالت ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو. ٻڌڻي دوران محمد ڪامران موقف اختيار ڪيو ته هو نيب ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر طور ڪم ڪري رهيو آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويو هو ۽ هن ريفرنس بابت سمورو رڪارڊ گڏ ڪيو آهي. جاچ آفيسر موقف اختيار ڪيو ته  حسن ۽ حسين نواز 1999ع۾ شاگرد هئا، 2001ع ۾ ٽيڪس گوشوارن ۾ نواز شريف حسن ۽ حسين نواز جا ڪل اثاثا 50.94 ملين رپيا ۽ 64 هزار 984 ڊالر هئا نواز شريف ان عرصي ۾ عرب امارت برطانيه ۽ سعودي عرب ۾ پنهنجي پٽن جي نالي ڪاروبار شروع ڪيو 2001ع ۾ حسن نواز فليگ شپ نالي ڪمپني قائم ڪئي نواز شريف حسن نواز جي ڪمپني ڪيپٽيل ايف زيدي ۾ بورڊ چيئرمين رهيو حسن نواز 10-2009ع ۾ چوڌري شگر مل کي 87 ملين جو قرض ڏنو. ڊي جي نيب راولپنڊي طرفان ريفرنس جي جاچ مونکي سونپي وئي هئي، اسان وفاقي جاچ اداري ( ايف بي آءِ ) ۽ نيب هيڊ ڪوارٽر مان اثاثن جي تفصيلن جو رڪارڊ طلب ڪيو هو پر ايف آءِ اي جواب ۾ چيو ته اهڙو ڪو به رڪارڊ موجود ناهي جڏهن ته نيب هيڊڪوارٽر مان ڪو جواب ئي نه مليو. جاچ آفيسر چيو ته اسان لاڳاپيل عدالتي آرڊرن ۽ جوائنٽ انوسٽي گيشن ( جي آءِ ٽي ) رپورٽ جو جائزو ورتو جڏهن ته ايف بي آر ۽ چوڌري شگر مل مان جوابدارن جو ٽيڪس رڪارڊ ۽ قرض جا تفصيل طلب ڪيا ۽ ڪال اپ نوٽ ذريعي جوابدارن کي 18 آگسٽ 2017 تي نيب اڳيان پيش ٿيڻ طلب ڪيو.  ٻئي پاسي ن ليگ اڳواڻ دانيال عزيز احتساب عدالت پهتو ته هن ٻڌڻي دوران ئي سڀني سان هٿ ملائڻ شروع ڪيا جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايس پي سيڪيورٽي کي طلب ڪري ورتو جنهن سيڪيورٽي اهلڪار دانيال عزيز کي عدالت جي ڪمري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. جاچ آفيسر جي بيان تي خواجه حارث جي مددگار وڪيل بار بار اعتراض ڪيا ته جج ارشد ملڪ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ايترا ڊگها ۽ هر هر اعتراض نه لکرائيندس.  بيان دوران به اعتراض ڪريو ٿا ۽ وري ساڳا سوال آڏي پڇا دوران به ورجايو ٿا، اوهان خواجه حارث کي سڏائي وٺو مان ان سان ڳلهائيندس.  واضح رهي ته گذريل ڏينهن پاناما ڪيس ۾ جوڙيل جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ کان آڏي پڇا مڪمل ٿي هئي، واجد ضياءَ کان نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث يارنهن ڏينهن تائين ڊگهي آڏي پڇا ڪئي هئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں