پاڪستان معاشي بحران مان نڪري چڪو آهي، سعودي عرب 6 ارب ڊالر ڏنا آهن: وفاقي سرڪار

0Shares

اسلام آباد (بيورو) ناڻي واري وزير اسد عمر جو چوڻ آهي ته 6 ارب ڊالر سعودي عرب کان ۽ باقي رقم چين کان آئي جنهن سبب پاڪستان فوري معاشي بحران مان نڪري چڪو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير اسد عمر جو چوڻ هو ته وزيراعظم جي چين دوري ۾ سماجي ۽ اقتصادي تعاون ۽ ترقي، غربت جي خاتمي، زراعت، ٽيڪنيڪل تعاون، جهنگلات، ارٿ سائنسز، اعليٰ تعليم ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ به مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿيون. ناڻي واري وزير ٻڌايو ته پاڪستان ۽ چين سي پيڪ جي پهرئين مرحلي جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو، پهرئين مرحلي ۾ انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جا منصوبا لڳايا ويا، هاڻ ايندڙ مرحلي ۾ صنعتي، زرعي ترقي، واپار کي هٿي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سي پيڪ جو ايندڙ مرحلو پاڪستان ۾ روزگار، برآمدات کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ڏيندو. ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته ٻه مهينن کان گوڙ ٿي رهيو آهي ته حڪومت معيشت تباهه ڪري ڇڏي، اسان برآمدات جي لاءِ 2 مهينن ۾ گهڻا ئي قدم کنيا، زراعت، صنعت ۽ انساني وسيلن جي ترقي تي توجهه ڏئي رهيا آهيون، پاڪ چين اقتصادي لاڳاپا به ايندڙ مرحلي ۾ داخل ٿي ويا آهن. هن جو چوڻ هو ته اسان 12 ارب ڊالر جو گيپ ٻڌايو هو، سعودي عرب 6 ارب ڊالر فراهم ڪري ڇڏيا آهن ۽ وڌيڪ ذريعن کان به رقم آئي آهي، پاڪستان فوري بحران مان نڪري چڪو آهي، پاڪستان کي ادائيگين جي توازن ۾ هاڻ ڪنهن بحران کي منهن نه پيو ڏنو وڃي، اسان جو ڌيان ڊگهي مدي تائين استحڪام تي کتل آهي، توازن ادائيگي آڻڻ جي لاءِ برآمدات وڌائڻ ضروري آهي. ٻئي طرف پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته چين سان اسان جا لاڳاپا نه صرف سٺا آهن پر وڌيڪ بهتري طرف وڃي  رهيا آهن. اسلام آباد ۾ ناڻي واري وزير اسد عمر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته اعتماد سان چئي سگهان ٿو ته وزيراعظم عمران خان جو چين دورو سٺو ۽ مثبت هو، دوري جو مقصد عالمي برادري کي واضح پيغام ڏيڻ هو ته پاڪ چين لاڳاپا گهرا، پراڻا، ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن، چين سان لاڳاپا سٺا هئا ۽ هميشه رهندا. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن ۾ چين سان دوستي بابت غلط تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر اسان واضح ڪري ڇڏڻ چاهيون ٿا ته پاڪ چين لاڳاپا نه صرف سٺا پر وڌيڪ بهتري طرف وڃي رهيا آهن، اسان چيني قيادت ۾ پهريان کان وڌيڪ گرم جوشي ڏٺي. شاهه محمود قريشي ٻڌايو ته دوري ۾ 15 جي ويجهو معاهدا ۽ اهم يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، دوري سان پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي معاشي لاڳاپن ۾ بدلائڻ ۽ اقتصادي جهت کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملي، اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ کي پرڏيهي وزيرن جي سطح تي کڻي وڃڻ تي اتفاق ٿيو ۽ اهو به طئه ٿيو ته ٻنهي طرف سزا يافته قيدين کي پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ سزا پوري ڪرائي ويندي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں