عمران خان ڊيل ڪري اقتدار ۾آيو، مون کي گرفتار ڪرڻ لاءِ رستا ڳولي رهيا آهن: آصف زرداري

0Shares

نوابشاهه/سڪرنڊ (ڊ ر+ن هه)اڳوڻي صدر پاڪستان آصف عل زرداري ، سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ صابو راهو ۾ پ پ  پ اڳواڻ امداد حسين راهو پاران ڏنل  دعوت جي موقعي تي ڪارڪنن  ۽ شهرين کي خطاب ڪندي چيو ته سرڪار مونکي گرفتار ڪرڻ لا۽ پلان جوڙي ر رستو ڳولهي رهيا آهن هيا  آهي  ۽ مان اڳ ۾ مشهور آهيان هاڻ پڻ مونکي گرفتار ڪندا ته مان وڌيڪ مشهور ٿيندس ۽  مان گرفتاري کان نٿو ڊڄان ۽ منهنجو سرڪار سان جهيڙو هلندو رهندو آهي هن چيو ته عمران خان  به ڊيل ڪري اقتدار ۾ آيو آهي پر جن کيس ڊيل ڏني آهي انهن کي ڪم ڪرڻ نٿو اچي ميان  نواز شريف پڻ ڊيل ذريعي اقتدار ۾ آيو آهي ۽ هن ملڪ ۾  هر ماڻهو ڊيل ذريعي اقتدار ۾ ايندو آهي هن چيو ته مونکي بلوڇستان کي حق ڏيڻ لا۽ ڪنهن به درخواست نه ڪئي هئي پر مان پاڻ بلوچستان کي  حق ڏنا ۽ ارڙهين ترميم جي وسيلي اسان صوبن کي خود مختياري ڏني ۽ اهو اسان صوبن تي ٿورو نه ڪيو هئيو پر صوبن جو حق هئيو جيڪو اسان انهن کي ڏنو  هن چيو ته وزيراعظم ڪشتي کڻو گمهي رهيو آهي ۽ اسان کي ان ڪشتي جي خبر آهي پر ان ۾ مزو نه آهي ۽ اسان  حڪومت ۾ پنهنجي مان پنهجو ڪري پوري ڪئي ۽ ملڪ هلايو هن چيو ته اڄ وزير اعظم چوي ٿو ته مان چين سان پنهنجي ڪرنسي ۾ واپار ڪندس پر اسان پنهنجي دور حڪومتي ۾ چهن ملڪن سان اهڙو معاهدو ڪيو هئيو جنهن ۾ ترڪي ، جارڊن، سريلنڪا  چين شامل آهن هن چيو ته زراعت کي هٿي وٺارڻ لا۽ اسان ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ مونکي نوابشاهه ۾ شاخون ۽ واٽر ڪورس پڪا ڪرڻ لا۽ ڪنهن به نه چيو هئيو پر مان ضلع جا سموريون شاخون ۽ واٽر ڪورس پڪا ڪرايا هن چيو ته نوابشاهه ۾ اڳ به پڪيج ڏنا آهن ۽ هاڻ به پڪيج ڏينداسين عوام مايوس نه ٿئي اسان سندس هر حال ۾ ساٿ ڏينداسين ان کان اڳ پ پ پ اڳواڻ  امداد حسين راهو ، آصف علي زرداري کي اپيل ڪئي ته اسان جي علائقي ۾ اسپتال ۽ سوئي گئس جي سهولت فراهم ڪئي وڃي ان موقعي تي ساڻس اڳوڻو صوبائي وزير قانون ضيا۽الحسن لنجار، ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، ايم پي اي سردار خان محمد ڏاهري، ضلع چيئرمين سردار ڄام تماچي انڙ، پ پ پ ضلع صدر  علي اڪبر جمالي، علي اصغر رند ، حاجي علي نواز چانڊيو، سميت ضلع جا معززين ۽  پارٽي اڳواڻ ساڻس گڏ هئا جڏهن ته حاجي غلام نبي راهو پاران آصف علي زرداري  کي بوسڪي جو پٽڪو تحفي طور ڏنو بعد ۾ آصف علي زرداري سخت سيڪورٽي ۾ ماڙي جلباڻي پهتو جتي پڻ هن ڪارڪنن کي خطاب ڪيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں