احتساب ۽ شفافيت کي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهيون، سي پيڪ سيڙپڪاري لاءِ نوان در کولي رهيو آهي: وزيراعظم

0Shares

شنگهائي (م ڊ) وزيراعظم عمران خان سي پيڪ کي چين ۽ سينٽرل ايشيا جي ڳنڍڻ جو منصوبو قرار ڏيندي چيو ته هي منصوبو نئين سيرپڪاري، نوان مارڪيٽ ۽ نوان رستا کولي رهيو آهي سي پيڪ فاصلن ۽ لاڳت کي گهٽ ڪندو اهمضروري وسيلا پيدا ڪرڻ ۽ صارفين لاءِ نئين شين جي پيداوار ۾ اضافو ڪندو سي پيڪ چين ۽ وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا سان ڳنڍڻ جو هڪ مڪنيزم آهي پي ٽي آءِ چونڊن ۾ تبديلي لاءِ مهم هلائي ۽ هاڻي اسان اقتدار ۾ آهيون ۽ موثر سڌارا ڪري رهيا آهيون اسان شفافيت ۽ احتساب کي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهيون شنگهائي ۾ بين الاقوامي برآمدي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته نمائش ۾ شرڪت منهنجي لاءِ اعزاز آهي ۽ جنهن نموني چين جي حڪومت اسان جي مهمان نوازي ڪئي ان تي ٿورائتا آهيون هن چيو ته پاڪستان ۾ قراقرم هاءِ وي سي پيڪ جي جديد هاءِ ويز جي نيٽ ورڪ جو حصو آهي جنهن جا بهتر اثر نه صرف پاڪستان ۾ پوندو پر خطي جي سموري معيشتن تي به ان جا اثر پوندا وزيراعظم پاڪستان جي تحريڪ انصاف جي چونڊ منشور جو حوالو ڏيندي چيو ته منهنجي جماعت پي ٽي آءِ تبديلي لاءِ چونڊن ۾ مهم هلائي ۽ هاڻي اسان اقتدار ۾ آهيون ۽ موثر سڌارا ڪري رهيا آهيون هن چيو ته اسان شفافيت ۽ احتساب کي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهيون ڪاروبار ۽ حڪومت هلائڻ لاءِ ٽيڪنالوجي استعمال ڪري رهيا آهيون وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستان ۾ وسيلن سان مالامال آهيون جنهن ۾ زرخيز زمين، 12 ماحولياتي زونز تي ٻڌل ايراضي آهي هن چيو ته اسان ٽيڪسٽائيل، راندين ۽ انجنيئرنگ جون شيون آءِ ٽي جون خدمتون ۽ سرجيڪل سامان سميت ميڊيڪل ٽيڪنالوجي کي بنائي رهيا آهيون هن چيو ته افرادي قوت ۾ به اسان مالامال آهيون اسان جي پاڪستان ۾ 10 ڪروڙ ماڻهو 35 سالن کان گهٽ عمر جا آهن ۽ انهيءَ ڪري نئون پاڪستان ڪاروبار لاءِ به اهم هنڌ هوندو. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان روس جي وزيراعظم دمتري ميدو يديف سان ملاقات ڪئي ۽ کيس پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آهي.  وزيراعظم عمران خان شنگهائي ۾ عالمي سيڙپڪاري ايڪسپو ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي جتي پنهنجي خطاب ۾ هن چيني ۽ عالمي سيڙپڪارن کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني.  ذريعن موجب ڪانفرنس دوران وزيراعظم عمران خان پنهنجي روسي هم منصب سان سائيڊ لائن تي ملاقات ڪئي جنهن ۾ روس جي وزيراعظم عمران خان کي منصب سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي وزيراعظمن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ اسٽريٽجڪ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ٿيو.  ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان روسي صدر لاءِ نيڪ خواهشن ۽ خير سگالي جو خاص پيغام موڪليو  جڏهن ته روسي وزيراعظم کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. وزيراعظم عمران خان چيني صدر شي جنگ پنگ کي پاڪستاني فٽ بال جو تحفو ڏنو. وزيراعظم عمران خان چين جي شهر شنگهائي ۾ جاري عالمي درآمدي نمائش ۾ شرڪت ڪئي ۽ شريڪن کي خطاب به ڪيو. ان موقعي تي چيني صدر انٽرنيشنل ايڪسپو ۾ پاڪستان پويلين جو دورو ڪيو، روس جو وزيراعظ، ڪينيا جو صدر ۽ مالٽا جو وزيراعظم به ساڻس گڏ موجود هئا. وزيراعظم عمران خان پاڪستان پويلين ۾ عالمي سربراهن جو استقبال ڪيو، وزيراعظم پاڪستان طرفان چيني صدر کي فٽ بال جو تحفو ڏنو. عمران خان عالمي اڳواڻن کي پاڪستاني شين جي باري ۾ بريف ڪيو ۽ خاص طور تي پاڪستاني اسپورٽس صنعت تي روشني وڌي. وزيراعظم عمران خان چين جي پنجن ڏينهن جي دوري جي دوران چيني صدر شي جن پنگ، وزيراعطم لي ڪي چيانگ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون ڪيون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي تعاون جي 15 معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون به ڪيون ويون، وزيراعظم عمران خان اڄ شام چين جو دوور پورو ڪري وطن واپس پهچندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں